شعيب اختر سان بدتميزي، اينڪر ڊاڪٽر نعمان نياز کي فوري هٽائڻ جي سفارش

0
336
شعيب اختر سان بدتميزي
شعيب اختر سان بدتميزي، اينڪر ڊاڪٽر نعمان نياز کي فوري هٽائڻ جي سفارش

اسلام آباد: سرڪاري ٽي وي تي ڪرڪيٽ ليجنڊ شعيب اختر سان پيش آيل واقعي بابت پي ٽي وي جي  قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي پي ٽي وي) ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شعيب اختر سان ٿيل واقعي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ واقعي جي ابتدائي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ پروگرام جي آن ايئر ۽ آف ايئر رڪارڊنگ ڏٺي وئي، انڪوائري ڪميٽي ڊاڪٽر نعمان نياز کان به پڇا ڳاڇا ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي اينڪر پرسن ڊاڪٽر نعمان نياز کي فوري طور هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي جڏهن ته انڪوائري ڪميٽي شعيب اختر کي به بيان لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته 26 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ کان پوءِ سرڪاري ٽي وي تي لائيو شو دوران پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز، ووين رچرڊز، ڊيوڊ گاور سميت ٻين مهمانن جي سامهون شعيب اختر کي شو ڇڏڻ جو چيو هو.