اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي

0
171
پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس
اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ اڄ عدالت کي فيصلو ٻڌائڻو هو. جڏهن ته عدالت قتل ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

پراسيڪيوشن ڪيس جي فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف الزامن ۾ پروين رحمان کي قتل ڪرڻ جي سازش جي شق شامل ناهي.

پراسيڪيوشن جي درخواست تي عدالت جوابدار ۽ مدعي جي وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته پروين رحمان کي مارچ 2013 ۾ قتل ڪيو ويو هو.