نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي نه آهي: وفاقي شريعت ڪورٽ

0
204
وفاقي شريعت ڪورٽ
نڪاح لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي نه آهي: وفاقي شريعت ڪورٽ

اسلام آباد: وفاقي شريعت ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته نڪاح جي لاءِ عمر جي ڪا حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي عمل نه آهي. وفاقي شريعت ڪورٽ موجب ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، انهن جي شادي جي عمر جي حد مقرر ڪرڻ غير اسلامي نه آهي. اسلامي رياست ۾ نڪاح جي لاءِ عمر جي حد جو تعين ڪرڻ اسلامي تعليمات جي خلاف نه آهي

عدالت ٻارن ۽ ٻارڙين جي نڪاح جي عمر جي حد جي تعين خلاف داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ بعد خارج ڪري ڇڏي. چائيلڊ ميرج ايڪٽ 1929 ۾ نڪاح جي لاءِ عمر جي تعين خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. ياد رهي ته سنڌ ۾ نڪاح لاءِ عمر جي گهٽ ۾ گهٽ حد 18 سال ۽ باقي ملڪ ۾ 16 سال آهي