ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اطلاعات کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين واري معاملي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 3 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت نيب کي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين خلاف انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏيندي 3 آگسٽ تائين انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.