سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ۾ سرڪاري لائيبريري جي قيام لاء هڪ سال کان وڌيڪ هلندڙ حتجاج جو نوٽس وٺندي پ پ پ ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو پاران علم جي اڃايلن جو مطالبو پورو ڪري ورتو آھي، ان سلسي ۾ اڄ اربع ڏهاڙي سيتاروڊ ٽائون ڪاميٽي ايڊمنسٽريٽر سونا خان چانڊيو ٽائون انتظاميا سان گڏجي شھر جي ناڪاره ۽ تباھ حال پيل پراڻي ٽائون ڪاميٽي عمارت جو دورو ڪرڻ بعد اها عمارت سيتاروڊ پبلڪ لائيبريري لاء وقف ڪئي ويندي. جتي هلندڙ هفتي لائيبريري جي عمارت جي تعميرات جو ڪم شروع ٿيندو.