راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور پوليس چيڪنگ دوران سوڀوديرو راڻيپور لنڪ روڊ تان ڳوٺ الياس مڱڻيجو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل صاحب خان شيخ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن ساجد علي ۽ زاهد علي مڱڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايس ايچ او راڻيپور موجب صاحب خان شيخ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار ڪري ورتا آھن جن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.