ڌاٻيجي (ن پ ا) پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ بعد 2 ڏينهن پهريان پر اسرار نموني گم ٿيل نينگر گلشن حديد مان هٿ اچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر، 2 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي جي علائقي ماڊل ٽائون مان پراسرار نموني گم ٿيل 12 ورهين جو نادر ميمڻ گلشن حديد مان هٿ اچي ويو آهي، ان حوالي سان نينگر جي وارثن رحيم ميمڻ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پنهنجي اخبار ۾ خبرون هلڻ بعد اسان جو نينگر ڪراچي جي علائقي مان هٿ آيو آھي، جنهن کي اسان پاڻ سان گڏ گهر وٺي آيا آھيون.