برسبين(اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ فخر زمان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريليا ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪري ورتو. ٻئي رانديگر انگلينڊ کان آسٽريليا جي شهر برسبين پهتا ۽ قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪري ورتو پر فخر زمان هڪ ٻي ري هيب ۾ حصو وٺندو ۽ پريڪٽس جاري رکندو. ٻئي طرف شاهين شاهه آفريدي پاڪستاني ٽيم لاءِ انگلينڊ خلاف اڄ وارم اپ ميچ ۾ سليڪشن لاءِ دستياب هوندو. واضح رهي ته شاهين شاهه آفريدي ۽ فخر زمان انجري جي ري هيب لاءِ انگلينڊ ۾ موجود هئا. اڄ انگلينڊ خلاف وارم اپ ميچ ۾ آسٽريلوي ڪنڊيشن ۾ تياريون جي جاچ جو موقعو ملندو جڏهن ته ٻي پريڪٽس ميچ اربع تي افغانستان سان ٿيندي. قومي اسڪواڊ 20 آڪٽوبر تي برسبين کان ميلبرن پهچي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ 23 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف کيڏندو.