گيلونگ (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ گروپ اي ۾ سريلنڪا کي نميبيا هٿان اپ سيٽ شڪست، ٻي ميچ ۾ نيڌرلينڊ يو اي اِي کي هارائي ڇڏيو. نميبيا خلاف سريلنڪن ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نميبيا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهيون. جن فرائلنڪ 28 بالن تي 44 رنز جي اننگز کيڏي نمايان رهيو ۽ جي جي سمٽ 31 رنز ٺاهيون. سريلنڪا 19 اوورن ۾ 108 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. ڪپتان داسن شاناڪا 29 رنز ٺاهي نمايان رهيو. نميبيا طرفان ڊيوڊ وائيس، برنرڊ سڪولٽز، بين شڪونگو ۽ جن فرائلنڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون. جن فرائلنڪ کي آل رائونڊ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ نيڌرلينڊ يو اي اِي کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني ڇڏي. يو اي اِي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنز ٺاهيون. محمد وسيم 41 رنز ٺاهي نمايان رهيو. نيڌرلينڊ طرفان بيس ڊي ليڊ 3 وڪيٽون ورتيون. نيڌرلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ 19.5 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. ميڪس او ڊائوڊ 23 رنز ٺاهي نمايان رهيو. بيس ڊي ليڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته گروپ اي ۾ سريلنڪا، نميبيا، نيڌرلينڊ ۽ يو اي اِي کي رکيو ويو آهي ۽ گروپ بي ۾ ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ کي رکيو ويو آهي.