سوال/سروي … ڪي اين شاهه واسين جي ڪوچ کي باهه: سنڌ سرڪار، ڊرائيور، گاڏي مالڪ، ٽراسپورٽ سان لاڳاپيل ادارا ذميوار آهن: عوام

0
167

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪي اين شاهه واسي ٻوڏ متاثرن سان سانحو، ڪوچ کي باهه،18 ڄڻا فوت ٿي ويا، ذميوار ڪير ؟ اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ؟ سرڪار کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن سان پيش آيل سانحي جي سنڌ سرڪار، ٽرانسپورٽ کاتو، ڊرائيور، گاڏين جا مالڪ ذميوار آهن، انهن سان گڏ مقامي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن مٿان به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته  ذميوار ڊرائيورآھي جيڪي 80 فيصد نشئي ھوندا آھن مڃون ٿا حادثو ھو پر غفلت لاپرواھي قبل سزا جرم آھن اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جيڪي وڏيون بسون آھن انھن ۾ باھ کي وسائڻ وارو سامان ھجڻ کپي ان سان گڏ بس ۾ گئس سيلنڊر لڳائڻ تي پابندي ھئڻ گھرجي، آفاق احمد لکيو ته سرڪار پھرين ڪڏھن ڪي قدم کنيا آھن جو ھاڻي کڻندي سرڪار فقط افسوس جو اظھار ئي ڪندي آھي ٻوڏ ۾ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿي ويا سرڪار ڪجهه نه ڪيو ھزارين جانيون ضايع ٿي ويون سرڪار ڪجهه نه ڪيو سورن ۾ آھي بس سنڌ جو عوام سرڪار فقط افسوس جو اظھار ڪرڻ ۾ پوري آھي، شفيع ملاح لکيو ته ڊرائيور نشي  ۾ ڌت ھوندا آهن ڪوبه چيڪ بيلنس نه آھي ڊرائيور ۽ گاڏين جي مالڪن تي ايف آءِ آر ڪٽڻ گهرجي انتظاميا به ذميوار آھي، سڀني ذميوارن کي سزا ملڻ کپي. سڄڻ جاني لکيو ته حڪومت ڇا ڪندي آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، ٻوڏ ۾ شهر برباد ڪيا ويا، جنيد زرين بلوچ لکيو ته ذميوار ته حڪومت ئي آهي. پر ھتي اسين پنھنجو پاڻ کي به ڪجھه ذميوار سمجھون. ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي اسين پاڻ به لاپرواهي ڪندا آھيون. ۽ معاشري ۾ سماج ۾ رستن تي ملاکڙن ۾ شادين ۾ محلن گھٽين ۾ غلط،غيراخلاقي،غيرقانوني حرڪتون ٿينديون آهن. پر مشڪل سان ڪوبه ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪندو آھي. ڪبوتر وانگر اسين اکيون بند ڪري ڇڏيندا آھيون. ٻن لفظن جي ڳالھائڻ جي به ڪوشش نه ڪندا آھيون. ان جي لاءِ ته اسان جو ڪھڙو واسطو. پر روڪي نه ٿو سگهجي ته آواز ته اٿاري سگھجي ٿو. يقينن ڪٿي نه ڪٿي ڪنھن نه ڪنھن جي ڪوتاهي ضرور ھوندي ان کي روڪڻ حڪومت جو ڪم آهي. اھا ٽرانسپورٽ کاتي وارن جي کليل غفلت آهي جنهن جي ذميواري به آهي. لالا اظهر پٺاڻ لکيو ته واقعو حڪومتي نااھلي جي ڪري ٿيو آھي ناقص انتظام آهن، نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي وارا اربين رپيا ٽيڪس اوڳاڙين ٿا وفاقي حڪومت کي گهرجي ته 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي جي حساب سان فائر برگيڊ اسٽيشن قائم ڪئي وڃي جيئن فوري طور نقصان کان بچي سگهجي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ان حادثي جو ذميوار سسٽم آهي خاص ڪري اهي ادارا جن جو ڪم ٽرانسپورٽ جو آهي اسان ھن رياست جي حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هر ٻئي ٽول پلازه سان گڏ هڪ سٺي اسپتال هجي ۽ هر اسپتال ۾ 2 کن ايمبولينس هجن ۽ گڏو گڏ هڪ سٺي حالت ۾ تيل سميت ھر ان اسپتال ۾ فائر برگيڊ به هجي، ان سان انساني جانيون بچي سگهنديون، عرفان سيلرو لکيو ته ڪوچ ڊرائيورن کي گذارش ته ڊرائيوري دوران تمام گهڻو احتياط ڪريو اوهان سان گڏ سوين خاندان ساڳئي گاڏي ۾ سوار آهن، اوهان جي ٿوري به لاپرواهي سوين خاندانن جا گهر اجاڙي سگهي ٿي.ايس صائمه سيد لکيو ته ڊرائيورنگ رولز کي هتي فالو نٿو ڪيو وڃي، افسوس جو ٽريفڪ پوليس عوام سامهون بيوس بڻيل آهي، وڏو ڪارڻ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ وارا به آهن، جيڪي اهو به  نٿا پڇن ته گاڏي هلائڻ اچي ٿي يا نه؟ قانون تي عمل نه ٿيڻ، عوام ۾ ڄاڻ نه هجڻ سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي جنهن ڪري حادثا ٿين ٿا. خاموش خليل شر لکيو ته ڪوچ حادثي جو ذميوار اصل ڪوچ مالڪ ۽ وزير ٽرانسپورٽ آھن،جيڪي ڊرائيورن کي کلي ڇوٽ ڏني بنا پرميشن ۽ نشي ۾ ڌت ڊرائيورن ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ڪي ڇڏيون  آهن ،کين ڪير چوڻ وارو ناهي جيئن وڻين تيئن ظلم ڪندا رهن ٿا، ڇا ٿيندو جنهن جا خاندان تباھ ٿي ويا،  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪوچ مالڪن کي ٿورو غور ڪري گاڏين جي اجازت ڏئي جيئن انساني جانيون بچي سگهن، نادر علي سيال لکيو ته ڪوچ حادثي جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ وزير ٽرانسپورٽ آھن ھڪ ڏينھن ۾ ٻه حادثا پيش آيا ھڪ بدين لڳ اي سي ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر چار قيمتي جانيون ضايع ٻيو واقعو نوري آباد لڳ پيش آيو جيڪو قيامت کان گھٽ نه ھو سنڌ حڪومت جو وزير ٽرانسپورٽ ڳري رقم عيوض غير قانوني روٽ پرمٽ جاري ڪري ڏيندا آھن سنڌ ۾ ڪا به پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني قانون مطابق ناھي جنھن ۾ مسافرن لاءِ ايمرجنسي لاءِ ڪا سھولت ناھي گاڏين جي مينٽينس ناھي بس عملو انتھائي بدتميز ۽ اڻپڙھيو ۽ غيرتجربيڪار ھوندو آھي ڊرائيورن جي اڪثريت بغير لائسنس جي ڊرائيونگ ڪندي آھي ۽ حڪومت ٽول ٽيڪس موٽروي جو پئي وصول ڪري پر سھولت لنڪ روڊ واري به ناھي.منھنجو سڀني سنڌ واسين کي عرض آھي ته سنڌ حڪومت خلاف مھم شروع ڪريو ته وزير ٽرانسپورٽ جون اکيون کلن ٽرانسپورٽ ڪمپنين خلاف ڪارروايون شروع ٿي سگھن ۽ وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگھجي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته رب پاڪ کان دعا آهي ته اهڙين آفتن کان پوري ڪائنات محفوظ رکي، سانحي جي ذميوار حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ مالڪ آهن، حاجي خان پنهور لکيو ته حڪومت کي گهرجي  ته گاڏين جي فٽنيس چيڪ ڪن ، پرمنٽ واريون گاڏيون روڊن تي هلائڻ گهرجي عوام تي ڪجهه رحم فرمايو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته نوري آباد حادثو نهايت ئي دل ڏکائيندڙ آهي۔ اهڙن واقعن جا ذميوار ڪوچ مالڪ ڊرائيور ۽ سنڌ سرڪار هجن ٿا ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن ٿيڻ کان اڳ اهي ٽئي ڌريون انتهائي لاپرواهي جو مظاهرو ڪنديون آهن. وحيد ڄامڙو لکيو ته لاڳاپيل ادارن جي نااھلي سبب اھڙا حادثا پيش اچن ٿا الميو اھو آھي ته جڏھن ڪو حادثو پيش ايندو آھي ته ھتي جي ريسڪيو تڏھن پھچندي آھي جڏھن انساني جانيون زيان ٿي وينديون آھن حادثي جي فوتين جا مڙھ ئي اسپتالن پھچائيندا آھن باقي اسان جي ملڪ ۾ ماڻھن جون زندگيون بچائڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪي وسيلا ناھن ڪڏھن فائر برگيڊ وقت تي ناھن پھتيون جو ڪنھن گھر يا ڪنھن سڙندڙ گاڏي جي باھ وسائي ھجي ضلعي جي ڊي سي سميت لاڳاپيل ادارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، راجا انور لکيو ته هن واقعي جي ذميوار وفاقي توڙي سنڌ حُڪومت، موٽروي پوليس، آر ٽي اي کاتو ڊي سي ۽ ايس ايس پي دادو آهن اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هر ڪوچ توڙي گئس ۽ اي سي لڳل گاڏين کي چيڪ ڪري ڊرائيورن کي پنهنجا سسٽم بهتر رکڻ جو پابند ڪيو وڃي جنهن لاءِ حُڪومت کي هڪ مضبوط ڪاميٽي پڻ جوڙڻ گُھرجي ۽ هر حادثي جو شڪار ٿيندڙ ڪوچ جي ڊرائيور تي به خطا قتل تحت ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. موهن لال لکيو ته اول مالڪ ۽ ڊرائيور کي ٻڌو وڃي پوءِ حڪومت جي زمري ۾ آهي ته روڊن تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جو چيڪ اينڊ بيلنس مضبوط رکي جتي به ڪوتاهي نظر اچي انهي گاڏي کي ڏنڊ سميت روٽ پرمٽ رد ڪئي وڃي ته جيئن اڻوڻندڙ واقعا پيش نه اچن، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٻوڏ جي پاڻي کان پنهنجا معصوم بچايا پر افسوس ڊائيورن ۽ سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب ساڙيا وياسين ان واقعي جي صاف انڪوائري ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ´جنهنجي لاپرواهي آهي ان کي سزا ڏني وڃي جيئن ڪوئي ڪنهن جي زندگي سان ايئن نه کيڏي، هي حادثو انتهائي دل ڏکائيندڙ آهي، عاشق ڀٽي لکيو ته جھڙو موٽروي روھڙي کان اسلام آباد تائين ٺھيل آھي اگر اھڙا روڊ ۽ رستا ھجن ته قيمتي جانيون بچي سگھنديون ورنه روز اھڙا خوفناڪ حادثا ماروئڙن جي مقدر ۾ ملندا. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته افسوس سان ڪجھه لکڻو ٿو پئي پوري سنڌ سوڳوار رھي ھر اک آلي ھئي نوري آباد سانحي تي پر سرڪار افسوس جو به اظھار ناھي ڪيو نه ئي وري ڪوئي اعلان ڪي اين شاھ جي درد ڀري داستان تي چونڊيل نمائندا به تماشو ڏسندا رھيا، غفار چنا لکيو ته هن سانحي جي ايف آءِ آر سنڌ سرڪار انتظاميا خلاف داخل ڪئي وڃي، محمد موسيٰ لغاري لکيو ته سنڌ ۾ نه قانون آهي نه ڪو حڪومت آهي سنڌ ۾ باھ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن تيل پمپن ۽ گاڏين ۾ باھ وسائڻ وارا انتظام ناهن، اهڙا انتظام هجن ته واقعن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته ذميوار مالڪ آهن، احسان علي چانڊيو لکيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ کاتي وارو ادارو ذميوار آھي ڪٿي به ڪا چڪاس ڪونهي گاڏين جي، ته هنن ۾ ڪهڙو فالٽ آهي باقي ٽول ٽيڪس ڏيو سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٽول ٽيڪس وٺڻ کانپوءِ سرڪاري سطح تي گاڏين جي چڪاس به ڪري ته هي گاڏي هلڻ جي قابل آهي يانه؟ ممتاز سميجو لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي، محمد حسن بلوچ لکيو ته ٻوُڏ کان پاڻ کي بچايوسين پر باهه ۾ ساڙيا وياسين اهڙا هزارين واقعا روز جو معمول بڻيل آهن ان واقعي جو ڪيس وزيراعليٰ سنڌ ۽ موٽروي پوليس تي ڪيو وڃي ته جيئن وارثن سان انصاف ٿي سگهي، محمد اسلم لکيو ته پهريان ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا ٻيو وري جڏهن هي حادثو پيش آيو ته تڏهن به فوري اپاءَ نه ورتا ويا، ثناءُالله چنا لکيو ته اصولن ذميوار ڊرائيور آهي پر موٽروي پوليس جي ذميواري آهي ته گاڏين جي ڦٽنيس چيڪ ڪري پوءِ انهن کي منزل طرف روانو ڪيو وڃي بس صرف افسوس ئي ڪري ٿو سگهجي باقي حڪومت مان ته ڪا اميد ناهي، ايم سليمان جمالي لکيو ته اھو ھڪ تمام وڏو سانحو آھي ڪي اين شاھ ڄي ٻوڏ متاثرن سان ڏک جو اظھار ڪريون ٿا ۽ جيڪي جيڪي به شھيد ٿيا الله تعالي انھن جي مغفرت فرمائي، شرافت سنڌي لکيو ته ان ۾ وڌ کان وڌ ذميوار ڊرائيور ۽ مالڪ آهي گاڏي سفر کان پهريان تيار هئڻ ضروري آهي ان جي هر شيءِ کي مد نظر رکي ڪري پوءِ ڪلئيرفيڪشن ڪئي وڃي ته هي سفر لائق آهي يا نه ؟ قادر شر لکيو ته ذميوار حڪومت آهي ڳرا ڳرا ٽيڪس وٺي ٿي ڪو اهڙي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ناهن؟ عبدالرحمان قمبراڻي لکيو ته واقعي جي ذميوار نااھل سنڌ حڪومت ، نيشنل ھاءِ وي مينيجمينٽ ۽ موٽروي پوليس آھي، ڪيترا سال ٿي ويا آھن نيشنل ھاءِ وي تي حادثن کان بچاءَ لاءِ ڪنھن به قسم جي پلاننگ نه ڪئي وئي آھي، نيشنل ھاءِ وي تي قائم ڪيل ٽول پلازه وارا صرف ٽول ٽيڪس وصولي ڪرڻ ۾ پورا آھن پر ڪڏھن به نيشنل ھاءِ وي تي ٿيندڙ حادثن بابت ڪجھه اپاءَ نه ورتا آھن، اگر روڊ تي موٽروي پوليس جو گشت ھلندڙ ھجي ته واقعي وارن جاين تي بروقت پھچي سگھن ٿا، نوري آباد وٽ جنھن جاءِ تي واقعو پيش آيو آھي واقعي واري ھنڌ ڪيتري وقت کان پوءِ فائربرگيڊ گاڏيون تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا جا عملدار نه پھچي سگھيا آھن، ڪي اين شاهه واسين کي ٻوڙيو به ھٿ سان ويو آھي ته ائين کڻي چئجي ته ساڙيو به ھٿ سان آھي، ھڪ ئي خاندان سان ٿيل ٻنھي واقعن ۾ سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ڪو به رليف نه ڏئي سگھي آھي، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي، ڇو ته ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناهي. اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت فوري طور تي ڊرائيونگ لائسنس ۽ گاڏين جو معائني ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري.