ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ جيف لاسن چيو آهي ته بابراعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي سبب پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جو مضبوط اميدوار آهي. اڳوڻي هيڊ ڪوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني ٽيم وٽ شاهين آفريدي جي صورت ۾ بهترين بالر موجود آهي جڏهن ته حارث رئوف ۽ شاداب ٻي اينڊ تي لڳائڻ ٻين ٽيمن لاءِ ڏکيائيون پيش ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته شاهين آفريدي 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪندو آهي جيڪا سوئنگ ٿيندي آهي ۽ کاٻي هٿ جي بالر جو يارڪر ۽ بائونسر خطري جي علامت هوندو آهي. جيف لاسن چيو ته جيڪڏهن بابراعظم ۽ محمد رضوان شروع ۾ حريف ٽيم تي دٻاءُ وجهن ٿا ته پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جو مضبوط اميدوار هوندو.