اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري خطاب ڪندو، جنهن دوران هو افغانستان جي صورتحال بابت موقف پيش ڪندو ۽ تاجڪستان جي سياسي قيادت سان به ملاقاتون ڪندو.