حيدرآباد/شيخ ڀرڪيو (رپورٽ: امتياز کوسو+ ايم رفيق ٿهيم) حيدرآباد جي نارا جيل جو قيدي پراسرار نموني فوت، وارثن جو گرفتاري دوران پوليس تي تشدد جو الزام، جيل انتظاميا قيدي جو موت دل بيهڻ سبب ڄاڻائي ڇڏيو، رپورٽ موجب شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ حامد هاليپوٽو جو رهواسي نوجوان قربان پٽ منٺار ماڇي نارا جيل ۾ قيد هو، جنهن کي 10 جولاءِ تي جيل انتظاميا طبعيت خراب ٿيڻ سبب علاج لاءِ سول اسپتال داخل ڪيو، جتي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسپتال مان نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نوجوان جي وارثن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن سڪندر سولنگي، رشيد سولنگي، امين سولنگي، منٺار سولنگي ۽ ٻين فوتي نوجوان جو لاش رکي اسپتال ٻاهران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون، وارثن ٻڌايو ته نوجوان 17 ڏينهن اڳ ڳوٺ مان گذر سفر لاءِ ٽنڊو محمد خان آيو، جتان پراسرار نموني گم ٿي ويو، سندس ڳولا ڪئي پر هو هٿ نه اچي سگهيو، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات کين هڪ پوليس اهلڪار فون ذريعي ڄاڻ ڏني ته نوجوان کي ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ۽ جڊيشل رمانڊ تي عدالتي حڪم بعد کيس نارا جيل منتقل ڪيو هو، فوتي جي وارثن الزام هنيو ته نوجوان جو اڄ اسپتال ۾ لاش ڏٺو آهي، جنهن تي تشدد جا واضح نشان آهن، هنن الزام هنيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس وحشياڻو تشدد ڪري ماريو آهي، وارثن ٻڌايو ته نوجوان کي بيگناهه پوليس گرفتار ڪيو، ڇاڪاڻ ته جنهن نالي بابت پوليس کين ڄاڻ ڏني آهي ان شخص کي هو نه ٿا سڃاڻين، جڏهن ته پوليس پاران داخل منشيات واري ڪيس ۾ به نوجوان جو نالو نه آهي، وارثن موجب جيڪڏهن نوجوان ڏوهي هو ته پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪري ها، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جي موت جي جاچ ڪرائي ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف نارا جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ ڪريم عباسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 10 جولاءِ تي قيدي جي دل بيهڻ سبب اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري علاج لاءِ کيس سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو آهي، سندس والد ۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ابتدائي طور سپرنٽينڊنٽ موجب قيدي جو موت دل بيهڻ سبب ٿيو آهي پر سندس چوڻ موجب قيدي جي موت جي تصديق پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضح ٿي سگهندي.