اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اڄ سومر ڏينهن شام ساڍي چار وڳي ٿيندو، اجلاس لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن ۾ مختلف رپورٽون پيش ٿيڻ کانسواءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران 20 آگسٽ 2020 تي ڪيل گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب تي بحث شروع ڪرڻ واري مامري کي به شامل ڪيو ويو آھي صدر جي خطاب تي قومي اسيمبلي ۾ لڳ ڀڳ يارنهن مهينا ٿي وڃڻ باوجود بحث شروع نه ٿي سگهيو آھي، ايندڙ مهيني نيئن پارلياماني سال جي شروع ۾ صدر کي گڏيل پارليامينٽ کي خطاب ڪرڻو آھي،جڏهن ته اڄ سومر ڏينهن کان سينيٽ جو اجلاس به شروع ٿيندو سينيٽ جو اجلاس اڄ چار وڳي ٿيندو.