اسلام آباد (رپورٽ ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ حڪومتي ميمبرن جي دلچسپي گهٽجي وئي، لاڳيتو غير حاضر، اسپيڪر کي 2 ڀيرا اجلاس ملتوي ڪرڻو پئجي ويو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو 35 هون سيشن 8 جولاءِ کان شروع ٿيو آھي پر قومي اسيمبلي جا اجلاس ميمبرن جي عدم دلچسپي جو شڪار ٿي ويا آھن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي دستاويز مطابق 8 جولاءِ تي ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس مان قومي اسيمبلي جي ڪل 342 ميمبرن مان 141 ميمبر غير حاضر رهيا جڏهن ته 201 ميمبر حاضر هئا، 8 جولاءِ تي 201 ميمبر حاضر هجڻ باوجود وفاقي حڪومت ڪورم لاءِ گهربل 86 ميمبر گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي هئي جنهن ڪري بنا ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي اسپيڪر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪرڻو پئجي ويو هيو ذريعن مطابق 8 جولاءِ تي اڪثر حڪومتي ميمبر ٿوري دير لاءِ اسيمبلي اچي حاضري لڳرائي هليا ويا، ائين 9 جولاءِ تي ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس مان ڪل 342 ميمبرن مان 176 ميمبر يعني اڌ کان وڌيڪ ميمبر غير حاضر رهيا 166 ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي انهي ڏينهن تي به حڪومت ڪورم جي نشاندهي ٿيڻ سبب ڪورم لاءِ گهربل 86 ميمبر گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي جنهن ڪري مسلسل ٻئي ڏينهن تي به اسپيڪر کي اجلاس ملتوي ڪرڻو پئجي ويو هيو.