مظفرآباد (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سان هر طبقو روئي رهيو آهي رڳو شخص خوشحال آهي، جنهن جو نالو عمران خان آهي، عمران خان کي پيغام آهي ته جڏهن ڪشمير اچو ته پنهنجو اعمال نامو کڻي اچجو، عمران ڪشمير ڪيس هارائي ويو، ڪشميري اوهان کان پڇندا ته ڪشمير تي ٻن منٽن جي جيڪا خاموشي اختيار ڪئي هئي، اها ڪڏهن ختم ٿيندي، مريم نواز چيو ته سليڪٽڊ جي نه گهر ۾ عزت هوندي آهي نه ٻاهر، پاڪستان جو هر طبقو روئي رهيو آهي، ڇا اوهان چاهيو ٿا عام چونڊ وارن سليڪشن آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿئي؟ جيڪڏهن ڪشميرين جو ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته راجا فاروق حيدر توهان کي نه ڇڏيندو، سڀ ڄاڻن ٿا ته عمران خان کي آڻڻ وارا ڪير آهن؟ هن چيو ته ڪشميرين جون قربانيون نه وسارينداسين ۽ نه وري ڪنهن کي وسارڻ ڏينداسين. هن چيو ته نوازشريف راجا فاروق جي رڳو عزت نه پر ساڻس محبت به ڪندو آهي، راجا فاروق خدمت جو قدم وڌايو آهي، توهان کي هاڻ ساٿ ڏيڻو آهي، راجا فاروق آزاد ڪشمير جو ڪلچر تبديل ڪري ڇڏيو، ڪشمير فروشن جو ڪم صرف ان کي ٽوڙڻ آهي، هتان 8 ڪلوميٽر جي فاصلي تي سرحد آهي، هي ئي روڊ سڌو سرحد پار سري نگر ويندو آهي، هن چيو ته نوازشريف آزاد ڪشمير واسين سان گڏ بيٺو آهي، ڪشمير منهنجو گهر آهي، ڪشمير سان نوازشريف ۽ مريم نواز جو رت جو رشتو آهي. هن چيو ته مهانگائي سبب سڀ روئن ٿا پر رڳو عمران خان خوشحال آهي، عمران کي نه اٽي جي لائين ۾ بيهڻو پوندو آهي ۽ نه وري کنڊ جي لائين ۾ بيهڻو پوي ٿو، انڪري هو مهانگائي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي،