شانگلا (م ڊ) شانگلا ۾ نامعلوم شخص فائرنگ ڪري پيءُ کي ٽن پٽن سوڌو قتل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو شانگلا جي علائقي پورن ۾ پيش ڪيو، جتي هٿياربند فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪيو، مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ سندس 3 پٽ شامل آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پورن اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪئي ۽ شروعاتي جاچ موجب پوليس کي خدشو آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو.