ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 249 تي 29 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي اميدوار سرگرم ٿي ويو، پي ٽي آءِ امجد آفريدي پارٽي سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير علي زيدي ۽ عمر اسد سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ کين چونڊ مهم ۽ اليڪشن جي تيارين جي حوالي سان آگاهي ڏني، ان حوالي سان وفاقي وزير علي زيدي چيو ته اين اي 249 تي پي ٽي آءِ جو مافيا سان مقابلو آهي، پر ڪاميابي پي ٽي آءِ کي ملندي.