جروار (ن پ ا) جروار جي ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ عبدالحميد ملڪ پاڻ کي گهر اندر ڦاهي ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، جڏهن ته لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل هئڻ کانپوءِ پوليس پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. هوڏانهن ڀاءُ منظور ملڪ جو چوڻ آھي ته عبدالحميد ملڪ گهر ۾ اڪيلو رهندو هو هن جي گهرواري اڳ ۾ فوت ٿي ويئي ۽هن جا ٻھ معصوم پٽ اٿس جيڪي به روهڙي اسان وٽ رهندا آھن، هو قرضي هجڻ ڪري پريشان رهندو هو ۽ جروار شھر ۾ سبزي جي ريڙهي پڻ هلائيندو سبزي منڊي جي واپارين جا لکين رپيا قرض هيس جنهن ڪري پريشاني ۾ اچي خودڪشي ڪئي اٿس.