شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ جوڙي پاڻ کي باھھ ڏئي ڇڏي

0
330
جوڙي باھ ڏئي ڇڏي
شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ جوڙي پاڻ کي باھھ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ھر جوڙي جي خواھش ھوندي آھي تھ اُن جي شادي زندگي جو سڀ کان يادگار بڻجي ۽ گھوٽ ڪنوار شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ تصويرون بھ ڪڍرائيندا آھن

پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ھڪ وڊيو اوھان کي حيران ڪري ڇڏيندي، ڇو جو اُن ۾ نظر ايندڙ جوڙو پنھنجي شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پاڻ کي باھھ ڏئي فوٽو شوٽ ڪرائيندي نظر اچي ٿو

پرڏيھي خابرو اداري موجب ھڪ امريڪي جوڙي اھا انوکي شوٽ جي چونڊ ڪئي آھي، جوڙي کي باھھ ڏئي فوٽو شوٽ ڪيو ويو

جوڙي جو چوڻ آھي تھ باھھ لڳائڻ کان اڳ احتياطي اُپاءَ ورتا ھئا، شادي کي يادگار بڻائي ورتو آھي