ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عفت عمر سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي تعريف ڪئي آهي، جنهن تي ليگي اڳواڻ به جواب ۾ سندس ساراهه ڪئي آهي. عفت عمر تازو مسلم ليگ ن طرفان ڪيل جلسن تي رد عمل جو اظهار ڪندي مريم نواز جي تعريف ڪئي. عفت عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جي واکاڻ ڪندي چيو ته مريم نواز اوهان بي شڪ عوام جو ڌيان ڇڪائيندڙ شخصيت آهيو. اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. عفت عمر جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز به جواب ڏنو ته اوهان به عوام کي ڇڪيندڙ شخصيت آهيو. هوڏانهن پاڪستاني اداڪار ياسر نواز چيو آهي ته مريم نواز ڏسڻ ۾جوان لڳندي آهي.اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي سونهن جي تعريف ڪئي آهي.  تازو هڪ ويب شو ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مريم نواز هڪ سمجهدار ۽ باوقار سياستدان آهي، کيس جوان ته نٿو چئي سگهان پر ڏسڻ ۾ هوءَ جوان لڳندي آهي.