غربت، بُکَ ۽ جهالت خلاف جدوجهد

اصل ڳالهه نيت ۽ سوچ جي آهي. نيت اگر سڌي آهي ته قوم ۽ ملڪ لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. اها نيت برڪت جو سبب بڻجندي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته غربت، بُکَ ۽ جهالت خلاف اسان جي جدوجهد کي دنيا جي ڪا طاقت روڪي نه ٿي سگهي. بلڪل ساڳي ريت انهيءَ جدوجهد لاءِ شهيد بينظير ڀٽو پڻ پنهنجو مشن جاري رکيو. جنهن جي دور ۾ ان جا ڪيل ڪم ۽ قدم مثالي رهيا. پاڪستان زرعي ملڪ آهي. سٺ ستر سيڪڙو آبادي هاڻي به ٻهراڙي ۾ رهي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح اها زراعت سان وابسته آهي. حقيقت اها آهي ته بُکَ ۽ افلاس جي حوالي سان پاڪستان هن وقت دنيا جي 116 ملڪن ۾ 92 نمبر تي آهي. گلوبل هنگر انڊيڪس مطابق ملڪ جي تقريباً تيرنهن سيڪڙو آبادي غذائي قلت جو شڪار آهي. پاڪستان ۾ هن وقت ٻن غذائي جنسن جي پيداوار ڀرپور طريقي سان ٿي رهي آهي. هڪ ڪڻڪ ٻيو چانور پر ڪڻڪ، چانور، داليون، تيل امپورٽ ڪيا وڃن ٿا. غريب طبقي وٽ قوت خريد باقي نه رهي آهي. ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ملڪ ۾ بُکَ ۽ غربت جي خاتمي جو نعرو هڻي ووٽ ورتو وڃي ٿو پر سياسي پارٽيون بُکَ جو مسئلو اڃا حل نه ڪري سگهيون آهن. اليڪشن ٿين ٿا، منشور ڏنا وڃن ٿا پر ملڪ ۾ هن مهل تائين انهيءَ حوالي سان ڪا تبديلي نه اچي سگهي آهي. نه وري حڪومتون ان مسئلي کي ختم ڪري سگهيون آهن. هلندڙ اتحادي گورنمنٽ جو به پنهنجو مدو پورو ٿيندو ته وري 2023 جا اليڪشن اچڻ ڪري عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ اهي سياسي نمائندا پهچي ويندا. ڇاڪاڻ ته عوام وٽ ووٽ جي وڏي طاقت آهي، جنهن کي اهي استعمال ڪري ڪهڙي به سياسي پارٽي کي سپورٽ ڪري ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا آهن. 33 سالا بلاول ڀٽو زرداري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان جديد تاريخ ۽ سياست ۾ ڊگري يافته سياستدان آهي ۽ اهو ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ اميدوار پڻ آهي. اهو پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجھه ڪري سگهي ٿو پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن پاڪستان جو عوام وڌ ۾ وڌ ان جي پارٽي کي ووٽ ڏئي، ان جي پارٽي اميدوارن کي چونڊرائي کيس وزيراعظم بڻائي ڏيکاري.

محمد اسلم ماڪو /پنوعاقل

هڪڙي چٺي  شهدادڪوٽ جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ!

مير نادر علي خان مگسي ايم پي اي

سيد سردار علي شاهه وزير تعليم

اڪبر لغاري سيڪريٽري تعليم

تازو IBA يونيورسٽي پاران ورتل ماستري جي ٽيسٽ ۽ ان ۾ ڏنل رعايت جي حوالي سان توهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيندس ته توهان گذريل 12 سالن کان شهدادڪوٽ جا چونڊيل ميمبر ۽ حڪومت سان سلهاڙيل پڻ آهيو. تازو ماستري جي ورتل ٽيسٽ ۽ ان ۾ مختلف ضلعن ۽ مختلف علائقن لا۽ ڏنل رعايت مان اوهان پڻ بخوبي واقف هوندئو ته ڪجهه من پسند علائقا هارڊ ايريا ۾ رعايت ۽ گريس مارڪن لاءِ سرگرم آهن، سائين منهنجا سڄي سنڌ سميت شهدادڪوٽ پڻ پٺتي پيل علائقو ۽ ترقي کان وانجهيل آهي. عالمي وبا ڪورونا سڄي دنيا سميت شهدادڪوٽ جي معيشت ۽ تعليم کي پڻ تباه ڪيو، ان وبا هيٺ حڪومتي بي ڌياني جو مرڪز شهدادڪوٽ پڻ رهيو. سائين منهنجا سنڌ جوآخري تعلقو شهدادڪوٽ سنڌ جي نقشي جي آخر  ۾ هجڻ ڪري شايد نصيب به آخري پٽي ۾ شامل ٿي ويا هجن، جنهن جي سزا IBA انتظاميه پڻ ڏني. ڇاڪاڻ ته IBA انتظاميه شهدادڪوٽ لاءِ نه گريس مارڪن جو سوچيو ۽ نه ئي ڪا رعايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، نه ئي وري +50 پلس اميدوارن جو سوچي پئي سواءِ من پسند وزير، چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي من پسند ماڻهن لاءِ من پسند علائقن لاءِ رعايت ڏيارائڻ لاءِ سرگرم آهن. سائين! IBA پاران تازو ورتل جج صاحبان جي ٽيسٽ ۾ اميدوارن جي لاءِ پاس مارڪون 50 سيڪڙو رکيل هيون، جڏهن ته ڪجهه سال پهريان هيڊماستر پڻ 48 سيڪڙو تي پاس ڪري انهن کي نوڪريون ڏنيون ويون. قبلا سائين! شهدادڪوٽ جا +50 اميدوار احتجاج بدران توهان ڏانھن واجھائي رهيا آهن. تازو توهان ۽ توهان جي ڀاءُ وفاقي حڪومت ٺاهڻ ڻ ڪردار پڻ ادا ڪيوآهي، مون سميت ڪيترن ئي هوشيار شاگردن محنت ڪري ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، +50 مارڪن سان ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪري توهان ڏانهن واجھائي رهيا آهيون ۽ مان سمجهان ٿو ته توهان جي هڪ فون ڪال تي اسان +50 اميدوارن جو نه صرف مسئلو حل ٿيندو پر شهدادڪوٽ جي پاس اميدوارن جو قد پڻ وڌي ويندو. توهان سيڪريٽري تعليم سان ڳالهائي، پنهنجي تڪ جي +50 اميدوارن جا آواز بڻجو . اسان IBA انتظاميه کي پڻ گذارش ڪريون ٿا ته صرف خاص تاريخ يا خاص علائقي لاءِ پاليسي جوڙڻ جڪ بند ڪئي وڃي، تعليمي ماهرن کي ويهاري سموري سنڌ لاءِ جامع ۽ موثر پاليسي جوڙي سڄي سنڌ جي اميدوارن کي رليف ڏنو وڃي يا ٽاپ ٽو باٽم لسٽ ٺاهي اميدوارن کان انٽرويو لاءِ پلان جوڙيو وڃي. اهل اميدوارن سان ويساهه گهاتي بند ڪئي وڃي آخر ۾ شهدادڪوٽ جي +50 اميدوارن کي گذارش آهي ته هن چٺي کي وڌ ۾ وڌ شيئر ڪري  نادر مگسي تائين پهچائي وڃي، ۽ اچو ته سڀ گڏجي هڪ تحريڪ هلائي پنهنجو حق وٺون. واڪا ڪرڻ مون وس….  ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو

عامر سومرو/شهدادڪوٽ

تعليم کاتي ۾ ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ ميل اميدوارن سان به انصاف ڪريو

سيد مراد علي شاھ، وزيراعليٰ سنڌ

سيد سردار علي شاھ، وزير تعليم سنڌ

سنڌ ڪابينه

اڪبر لغاري، سيڪريٽري تعليم سنڌ

اسان غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ شاگرد آھيون. وڏين مشڪلاتن سان اسان تعليم حاصل ڪيون ٿا. ڪيترائي شاگرد مالي وسيلا نه ھجڻ جي ڪري تعليم ڇڏي وڃن ٿا. ھيڏي مشڪل سان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ھن کان پوءِ جڏھن سنڌ ۾ استاد جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ IBA Sukkur جي معرفت شاگردن کان امتحان ورتو وڃي ٿو. گذريل ڀيري ھي ٽيسٽ مختلف تاريخن تي ورتي وئي.  IBA Sukkur جي ھر پيپرن ۾ چار، پنج کان ڏھن تائين غلطيون ھيون پر IBA Sukkur غلطيون مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ٽيسٽ وٺڻ بعد پاليسي 45/55 واري شرح مطابق ايترا اميدوار پاس ڪونه ٿي سگھيا. پوءِ سنڌ ڪابينه جي اجلاس ۾ پاليسي تي نرمي ڪئي وئي پر ميل اميدوارن سان ناانصافي ڪئي وئي. ڇا ميل اميدوارن جو اھو ڏوھ آهي ته انھن تعليم حاصل ڪئي؟ جتي ھارڊ ايريا وارو 33 مارڪن تي پڙھائي سگهي ٿو ته اتي 50کان  54 اسڪور حاصل ڪندڙ ڇو نه؟ جتي فيميل اميدوار 50 اسڪور تي پڙھائي سگھي ٿي ته اتي 54 اسڪور حاصل ڪندڙ ميل اميدوار ڇو نه؟ جتي نان مسلم 50 اسڪور تي پڙھائي سگھي ٿو ته اتي 50کان 54 اسڪور حاصل ڪندڙ ميل اميدوار ڇو نه؟ مون جهڙا غريب شاگرد ناڪاره حڪومتي تجربن ۽ ناڪام تعليمي پاليسين جي عتاب هيٺ زندگي احساس ڪمتري ۾ گذارڻ تي مجبور آھن. سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ڪيتريون ئي سيٽون بچن پيون انھن سيٽن تي 50 کان وٺي 54 اسڪور حاصل ڪندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏئي انصاف ڪيو وڃي. اسان اميدوارن جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آ صف علي زرداري کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ايجوڪيشن منسٽر سيد سردار علي شاهه کي گذارش آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

نذير حسين/ لاڙڪاڻو

آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ٿيل استادن مان تعليم ۾ بھتري جي اميد !

ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مھانگائي عروج تي آھي، پر سنڌ ۾ بيروزگاري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي. ان جا ڪيترائي سبب آھن. جيڪي ادارا سرڪار جي طرفان آئيني طور ٺھيل آھن اھي بند پيا آھن، جنھن کي رڪروٽمينٽ جو حق حاصل آھي اھو ادارو آھي سنڌ سروس پبلڪ ڪميشن. ان ڪري نوجوانن کي نوڪريون وٺندين سالن جا سال لڳيو وڃن. پبلڪ ادارن کي رشوت جي ور چاڙھيو ويو، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي ۽ انهن الزامن هيٺ ساک رکندڙ هن اداري کي بند ڪيو ويو. نوجوان جي نوڪري وٺڻ جو دروازو بند ڪيو ويو. پنجاب پبلڪ سروس ۾ ھر سال نوڪريون اچن ٿيون جيڪي نوڪرين جي پروسس ۾ ايتري دير نه ٿا لڳائين انھن جو تڪڙو ۽ ترت طريقيڪار آھي ان ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آھي. سنڌ سرڪار جڏھن آءِ بي اي IBA  جهڙي ساک رکندڙ اداري کي پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين جي لاءِ اختيار ڏنو ته آءِ بي اي کان ٽيسٽ ۾ غلطيون به ٿيون پر انھن پروسس م دير نه ڪئي ۽ جلد رزلٽ ڏني. سنڌ ۾ بيروزگاري ڪپ اندازو ان مان لڳايو ته بي اي BE انجنيئرنگ پاس اميدوارن به پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي لاءِ درخواستون ڏنيون. اڪثر ٽيسٽ پاس به ڪري ويا. ھي نوجوان پروفيشنل ڊگريون رکندڙ استاد يا ايم اي پاس استاد سٺو پڙھائي سگھن ٿا. پرائمري ۽ مڊل ڪلاسن تائين تعليم جي معيار ۾ بھتري ايندي. سياستدانن ڪوشش ڪئي ته پنھنجا نالا ايڊجسٽ ڪرائين پر نه ڪرائي سگھيا. ان ڪري توھان اسان سڀني ڏٺو ته ھڪ گھر مان 6 ڀائر به IBA  ٽيسٽ  ذريعي استاد ٿي ويا گھر مان ٻه يا ٽي به استاد ٿيا آھن. سياستدانن جي ھٿ ۾ نوڪريون ھجن ھا ته ھڪ ته ميرٽ جو ستياناس ٿئي ھا ٻيو پنھنجا نواز پاليسي ۽ رشوت ۽ پئسن عوض نوڪريون وڪرو ٿين ھا. ٽيون مشڪل سان گھر ۾ ھڪ نوڪري وڃي ھا. سٺا ھوشيار نوجوان نوڪرين ۾ ايندا ته ادارا به بھتر ٿيندا. اھو تڏھن ٿيندو جڏھن سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ايماندار ميرٽ کي ترجيع ڏيڻ وارو چيئرمين ۽ ايماندار اسٽاف آڻيندي.

ساگر شفيق وساڻ / ڳوٺ جھنگو وساڻ

انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل  آءِ بي اي اميدوار..!

سکر آءِ بي اي سنڌ جو واحد ادارو آهي جنهن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ملازمت ملي ٿي. تنهن هوندي به اداري جي ساک ۽ شفافيت تي آڱريون کڄن ٿيون. بهرحال اهو هڪ الڳ بحث آهي. ان کان علاوه سکر آءِ بي اي جي ٽيسٽن جي ڇا نوعيت هوندي آهي سا ته انهن اميدوارن کي خبر آهي، جن تازيون JEST ۽ PST جون ٽيسٽون ڏنيون. جڏهن ٽيسٽن جو نتيجو آيو ته ڏندين آڱريون اچي ويون، ڇاڪاڻ ته ڪافي اميدوار ناپاس ٿيا. نيٺ سنڌ سرڪار ڪجهه شرطن ۾ نرمي ڪئي ۽ 55 مارڪن تي پاس ٿيڻ جو شرط رکيو. ڪيترائي خوش نصيب اميدوار جن جون مارڪون 55 کان مٿي هيون، انهن کي PST ۽ JEST جا آفر ليٽر ملي ويا. باقي 50 کان مٿي ۽ 55 کان هيٺ مارڪون کڻندڙ اميدوار سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج آهن. اسان جي سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي تعليم کاتي کي نماڻي التجا آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 50 مارڪن تي پاس ٿيڻ جو شرط رکيو وڃي ته جيئن 50 کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ نوجوانن جي بيچيني ختم ٿئي ۽ اهي سک جو ساهه کڻن. هونئن به ڏسجي ته سنڌ ڪا پئرس ناهي! نه ئي هتي ڪي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي جهڙا ادارا آهن.! نه ئي سنڌ جي تعليم جو معيار ايترو بلند آهي جو اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلون! تنهن هوندي به مشڪل حالتن ۾ جن اميدوارن محنت ڪري 50 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون آهن، انهن جو حق ٿئي ٿو ته انهن کي موقعو ملڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هارڊ ايرياز وارن اميدوارن کي رعايت ملي ٿي ته 50 ۽ ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به رعايت ملڻ گهرجي. مون کي قوي اميد آهي ته تازو PST ۽ JEST ڀرتي ٿيندڙ استاد سنڌ ۾ تعليم ۽ شعور جو هڪ نئون انقلاب آڻيندا..!

انجنيئر گلاب مري/ڳوٺ گل بيگ مري، ضلعو شهيد بينظير آباد.

پاليسيون، تڪبنديون ۽  عام چونڊون!

 ملڪ اندر بلدياتي حڪومتن ۽ اليڪشن واري مشق ڪنهن  به صورت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. ڇو جو مقامي نظامت ۽ عوامي نمائندگيءَ جا انيڪ ۽ تقريبن سڀ ڪم هڪ بهتر جامع ۽ تڪڙي مقامي نمائندگي ۽ نظامت ذريعي ئي ممڪن بڻائي سگهجن ٿا. ان ئي تناظر ۾ ملڪ اندر مقامي حڪومتن واري اليڪشن هڪ دفعو وري گرم موضوع ثابت ٿي رهي آهي. سياسي اسڪيل تي جنوري جهڙي سياري جي ٿڌي مهيني ۾ اهڙي گرمي پڻ پيدا ڪري سگهجي ٿي، جنهن جو ويجهي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو مثال ملي. سنڌ اندر بلدياتي قانون جي تڪرار جيان تازيون ٿيل تڪبنديون  ۽ پنهنجا نواز پاليسيون ڪو ٻيو  متضاد محاذ ته نه کولينديون ڇو جو ڊپٽي ڪمشنر جي نگرانيءَ ۾ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ  ۾جنهن طرح يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪاميٽيز جي خاموش ۽ پراسرار تشڪيل ٿي چڪي آهي ۽ ان جي اپيلن ۽ اعتراض لاءِ وري ڪمشنرن جي نگراني ۾ باقي معاملو اڳتي وڌڻو آهي سو سنڌ اندر هڪ نئين بحران کي جنم ڏيئي سگهي ٿو . ڇو جو ڊپٽي ڪمشنرن کان وٺي ڪمشنر تائين جنهن طرح سان تڪبندين  ۾ سرڪاري سرپرستيءَ  جو بول بالا رهيو آهي تنهن مان غير جانبداريت ۽ شفافيت بدران جانبداري ۽ پنهنجا نوازي وڌيڪ عيان آهي. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت هجي يا وفاقي سرڪار يا مرڪزي حڪمران جماعت جون ٻين صوبن ۾ هلندڙ حڪومتون، انهن سڀني تي لازم آهي ته اهي مڪاني چونڊن جي نظام کي آئين تحت بحال ڪن ته جيئن عوام کي پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سولايون ٿين.

امان الله ملڪ/ڪشمور

اڄڪلھه جو پاڪستان

پاڪستان ۾ جيلن جي حالت تمام گھڻي خراب آھي. عدالتن ۾ ھلندڙ ڪيسن جون ڪارروايون پڻ سست روي جو شڪار آھن. جنھن وٽ اثر رسوخ يا پيسو آھي ته قانون به ان جو غلام آھي. آئين ته پاڻ ئي بي آئين آھي. بيروزگاري ته تمام گھڻي آھي، مھانگائي ۾ پڻ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي. روڊن رستن جي حالت پڻ تمام بري آھي، ناليون ابتيون وھي رھيون آھن. اسڪولن جون ڇتيون ٽٽل آھن، اسپتالن ۾ مريض بي يارو مددگار تڙپي رھيا آھن. پنڻ ته اڄڪلھه پيشو ٿي ويو آھي. لاش به ريپ ٿيڻ کان محفوظ ناھن. نوجوان ملڪ ڇڏڻ چاھن ٿا. رشوت جا ريٽ وڌي ويا آھن. ھر دڪاندار جي پنھنجي بادشاھت آھي. ماڻھو ڏينھن ڏٺي گم ٿي رھيا آھن. ٻئي طرف وري خان صاحب ۽ ان جا حامي ناراض آھن. ڪاوڙ ۾ آھن. ھن وقت انھن کي ڪو به نه ٿو سمجھائي سگھي ۽ نه ئي اھي سمجھڻ چاھين ٿا. جلسا ڪري مخالفن کي گاريون ڏئي، غدار چئي ڪردار ڪشي ۽ بد زباني جي گندي نالي ۾ غرق ٿي رھيا آھن. پاڪستان جو سياسي گرمي پد ڏسون ته تمام گھڻو گرم آھي، جذبات جو سمنڊ بي قابو ۽ زبانن سان دل آزاري جي بازار گرم آھي. سوشل ميڊيا تي فساد ٿي رھيا آھن. عدم برداشت ۽ بد زباني جي ھڪ نئين دؤر جو آغاز ٿي ويو آھي. اھو ئي سچ آھي باقي ڪوڙ آھي پروپيگينڊا آھي سازش آھي. ان مان ڪيئن جان ڇٽندي اها ڪنهن کي به خبر نه آهي!

ياسر خاصخيلي/ حسين آباد، ڪوٽڏيجي

منشيات ۽ نوجوان !!!

اها حقيقت آهي ته منشيات جي وڪري جا ٺيڪا ٿاڻن تي ڊيل ٿيندا هئا، پر هن وقت منشيات جي وڪري جا ٺيڪا سياسي هائوسن ۾ طئي ٿي رهيا آهن. پوليس پنهنجي کل بچائڻ لاءِ اصل منشيات وڪرو ڪندڙن ۾ هٿ وجهڻ کان ان ڪري لنوائي ٿي، جو اُهي منشيات فروش پوليس جو سمورو خرچ برداشت ڪن ٿا، پر پوليس انهن منشيات فروشن ۾ هٿ وجهڻ بجاءِ خانا پوري ڪرڻ لاءِ غريب غربي کي منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ فٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهي. مهتاب خاصخيلي عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ رهي ٿو. چيڪ پوسٽ قيصر سينهڙو جي هڪ پوليس اهلڪار جيڪو اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آهي، هڪ پورهيت کي جنهن جي کيسي ۾ مين پڙي پيل هئي ان کي گرفتار ڪري مٿس 300 سو مائي گٽڪي جون پڙيون لڳائي چالان ڪري ڇڏيو آهي. ٽنڊوالهيار پوليس جي سربراهه ايس ايس پي کي گذارش ٿي ڪجي ته هو ان معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪري هڪ بيڏوهي کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ٿو يا وري ان مسڪين پورهيت خلاف وڌيڪ ڪات ڪهاڙا تيز ٿا ٿين. اها حقيقت آهي ته عمر ساند ٿاڻي جي چيڪ پوسٽ قيصر سينهڙو تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪار جي هٿ هيٺ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. اُميد ٿي ڪجي ته پوليس اختياريون نوٽيس وٺي هڪ غريب سان انصاف جون تقاضائون پوريون ڪنديون.

شاهد خاصخيلي /اوڏيرولال

ميرپور خاص بورڊ جو في اوڳاڙي جو فيصلو واپس ورتو وڃي

ميرپورخاص بورڊ پاران امتحاني فارم ۽ مارڪس شيٽ جي في اوڳاڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين  کان ظلم ڪيو  ويو آھي. بورڊ پاران في وصول ڪرڻ سبب ھزارين غريب  شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم داءُ  تي لڳي وئي آھي. نائين ڪلاس جي شاگردن کان في جا 750 رپيا ۽ ڏھين ڪلاس جي  شاگردن کان 2500 رپيا، يارھين ڪلاس جي شاگردن کان 2 ھزار ۽ ٻارھين ڪلاس جي شاگردن کان 3 ھزار رپيا مقرر ڪئي وئي آھي. مفت فراھم ٿيندڙ مارڪ شيٽ جي في 700 رپيا ۽ ارجنٽ جي ھڪ ھزار رپيا ڪئي وئي آھي. حڪومت جي مفت تعليم جي دعوائن جي ابتڙ بورڊ اوڳاڙيون ڪري رھيو آھي. ھر سال في ۾ واڌ ڪئي وئي ته اسان جا غريب شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويندا. سنڌ حڪومت پاران مفت تعليم جو اعلان ڪيو ويو آھي ۽ ٽن سالن کان ڪا به في نه پئي ورتي وئي. پر اوچتو فيون وصول ڪرڻ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي ۽ والدين سان ظلم ڪيو ويو آھي.  اسان سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وزير سائين سردار شاھ کي اپيل ڪريون ٿا ته حڪومتي پاليسي جي ابتڙ فين جي اوڳاڙي جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن اسان جا  غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل  ڪري سگھن.

فيس ختم ڪريو ۔

تعليم بچايو ۔

سنڌ ڌرتي بچايو

تنوير ڪمار ميگھواڙ/ کيراھوشاخ

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو