سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ بهادر جوکيو واسي حزب الله پنهور ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کي درخواست ڏيندي ڄاڻايو آهي ته منهنجي درويش صفت معصوم ڀاءُ 14 سالن جي عطاءُ الله پنهور سان ڳوٺ جي اوباش نوجوانن ڪمال عرف ڏاڏو ڪنڀر، نانو ڪنڀر ۽ ٻين زيادتي ڪري کيس وڊيو ڀري ٽن مهينن تائين بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن. کڏهر پوليس ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. جڏهن ته گرفتار جوبدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن به هن سان زيادتي ڪئي ۽ اسان پڻ هن سان زيادتي ڪئي آهي. متاثر نينگر جي ڀاءُ حزب الله پوليس کي ٻڌايو ته اسان جي درويش صفت ڀاءُ کي بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بنايو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.