ڪراچي: ڪورنگي ضلعي جي 3 يوسيز ۾ 10 مئي تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

0
248
ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جِي پکيڙ روڪڻ لاءِ ڪراچي جِي ڪورنگي ضلعي جي 3 يوسيز ۾ 10 مئي تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، سنڌ جَي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ آڪسيجن بچائڻ لاءِ عام آپريشن 19 مئي تائين ملتوي، ايمرجنسي آپريشن جاري رهندا، صوبي ۾ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز اڄ کان بند، سرڪاري آفيسن ۾ رڳو 20 سيڪڙو ۽ خانگي ادارن ۾ 50سيڪڙو عملي کي ڪم ڪرڻ جِي اجازت هوندي: سنڌ حڪومت، عدالتن ۾ عام نوعيت جا ڪيس ملتوي ڪرڻ جِي درخواست ڪري ڇڏي، قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته عام نوعيت جا ڪيس ملتوي ڪري ججز، وڪيلن ۽ سائلين جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي ٿو.