اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب جي صدارت ۾ سي ڊي ڊبليو پي جي اجلاس 6 لائينن واري حيدرآباد- سکر موٽروي جي بي او ٽي بنيادن تي 306 ڪلوميٽرن جي تعمير جي هڪ کرب 91 ارب 47 ڪروڙ 10 لک 74 رپين جي لاڳت واري منصوبي جي حتمي منظوري لاءِ ايڪنيڪ کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سي ڊي ڊبليو جي اجلاس ۾ بلوچستان جي پٺتي پيل ضلعن آوران، خضدار، واشڪ، لسٻيله، پنجگور، گوادر ۽ ڪڇ جي صحت جي ادارن جي بهتري لاءِ 4 ارب 99 ڪروڙ 66 لکن جو منصوبو منظور ڪيو ويو، ٻئي طرف رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر سان وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام بابت خصوصي معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي، جنهن دوران کيس ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي قرضن جي فراهمي واري پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته 8 ارب ماليت جا قرض ڏئي چڪاآهيون، 5 ارب ماليت جا قرض وڌيڪ منظور ٿي چڪا آهن، جن جي رقم ڪجهه ڏينهن ۾جاري ٿيندي.