سڪرنڊ ويجهو ڇِت جو ڇڄو ڪِرڻ سبب پورهيت دٻجي فوت

0
280

سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو جڳهه جي شٽرنگ جو ڪاٺ ڪڍڻ دوران ڇِت جو ڇڄو ڪِرڻ سبب پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو، اصغر ڪالوني واسي 25ورهين جي خالد مغل پنجون ميل مينهن جي واڙي جو ڪم ڪري رهيو هو ته ڇت جو ڇڄو ڪري پيو، جنهن ۾ هو دٻجي فوت ٿي ويو، نوجوان لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.