ڪوٽڙي ۾ ليڊي پوليس ڪانسٽيبل انيلا سان مبينا زيادتي، وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عورت اهلڪار پاران خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي به ردعمل ڏيکاريو ويو، ان سلسلي ۾ خالده منير فيس بوڪ تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ادارا ان لاءِ هوندا آهن ته هو ترت انصاف مهيا ڪن نه ڪي ماڻهو مايوس ٿي خودڪشي ڪن، ڪوٽڙي ۾ ليڊي پوليس اھلڪار سان مبينا زيادتي، عورت پوليس اھلڪار خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ايوب کوسو لکيو ته هن نياڻي جو ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي، زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي قانون جي ڪاٺ ۾ هنيو وڃي، ابولحسن شر، نعمت کهڙو، مختيار علي هالو، شفقت نوناري، سليمان وساڻ، شگفته محفوظ، علي عباس جمالي، اندرا پونا والا، ريحانه فتح خان، صوبدار خان، وفا حاڪم وساڻ، بشير احمد افسوس جو اظهار ڪيو، عائشه ڌاريجو لکيو ته انصاف ڏيندڙ ادارن جي ملازمن سان اهو حال آهي ته غريب ماڻهن جو ڇا حال هوندو،ياسمين چانڊيو لکيو ته افسوس، عورت قانوني اداري ۾ هوندي به محفوظ ناهي، عزيز گوپانگ لکيو ته انصاف ڏيندڙ ادارا ڪٿي آهن، ساجده ميمڻ لکيو ته ظلم آهي، پر افسوس هن عورت تي به آهي ته ايڏي وڏي سازش جو شڪار ايئن ڪيئن ٿي هوندي، ڊار نور مصطفيٰ چانڊيو لکيو ته انيلا اسان سان گڏ ڪم ڪندي آهي هوءَ وڏي محنتي آهي ڪجهه ڏينهن کان اداس هئي، اسان ساڻس انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا، عبدالرحيم عبد ڪنڀر لکيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي جيستائين جوابدارن کي سزائون نه ڏنيون وينديون اهڙا واقعا ختم نه ٿيندا، نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، مير ڪنول لکيو ته سڄو رڪارڊ ٻيهر هٿ ڪري سگهجي ٿو ڀلي اهو ڊليٽ ڪيو ويو هجي، خودڪشي مسئلي جو حل ناهي. رسول بخش خاصخيلي لکيو ته نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، خوشبو بلوچ لکيو ته ثابت ٿيو ته عورت ڀلي ڪيترو به پڙهي لکي ڪهڙي به عهدي تي پهچي مرد هٿان بليڪ ميل ٿئي ٿي، افسوس، صدام جروار لکيو ته اداري جي ماڻهن سان اها حالت آهي ته عام ماڻهو سان ڪهڙو حشر هوندو، ڊاڪٽر ثمينه واحد لکيو ته هي قانون جا محافظ آهن مذمت ڪجي ٿي، جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي،مختيار سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوٽڙي ۾ ليڊي پوليس اھلڪار سان مبينا زيادتي، عورت پوليس اھلڪار پاران خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عورت جو چوڻ آهي ته احسان جتوئي منھنجي گھر ۾ ڪم ڪندو آھي جنھن مون کي ننڊ جو گوريون ڏئي زيادتي ڪري ويڊيو ٺاھي ۽ مون کي بليڪ ميل ڪري پيو.