Motivation Note شينهن وانگر جيئو

0
218

                         جيڪڏهن اوهان کي پاڻ تي ڀروسو آهي، خوداعتمادي آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت اوهان کي هارائي نٿي سگهي، پر جيڪڏهن اوهان کي پاڻ تي ڀروسو ئي ناهي ته پوءِ اوهان لاءِ کٽڻ ناممڪن آهي، ايئن جيئن هاٿي ۽ شينهن جو مثال آهي، طاقت ۾ ته هاٿي وڌيڪ آهي پر پوءِ به شينهن کان ڊڄندو آهي، پاڻ کي ان آڏو ڪمزور محسوس ڪندو آهي ڇو ته ان کي لڳندو آهي ته شينهن کائي ويندو، پر شينهن کي ايئن ناهي لڳندو ته هاٿي وڌيڪ طاقتور آهي پر شينهن جي ذهن ۾ صرف هڪ ئي ڳالهه هوندي آهي ته هي منهنجو کاڌو آهي، شڪار آهي اهو مون کي حاصل ڪرڻو آهي، شينهن کان ڪنهن پڇيو ته اوهان جهنگ جا راجا ڪيئن آهيو؟ جنهن تي شينهن چيو ته مون کي لڳندو آهي ته آئون راجا آهيان ان ڪري ئي راجا آهيان، مثال طور اخبار پڙهندي اوهان کي ڪير چوي ته 100 هاٿي اچي ويا آهن ته اوهان کي فرق ئي نه پوندو پر جيڪڏهن ڪير ايئن چوي ته شينهن اچي ويو آهي ته اوهان فوري طور اخبار اڇلائي در بند ڪرڻ ۾ لڳي ويندا پنهنجي بچاءَ جا انتظام ڪرڻ شروع ڪندا، ته اهو ئي رويو تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هاٿي وانگر نه پر شينهن وانگر جيئو، جيڪڏهن اوهان به محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڏيو ته اوهان طاقتور آهيو، سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا ته اوهان جو رويو ۽ تاثر پاڻ ئي تبديل ٿي ويندو، اوهان به حڪمراني ڪرڻ لڳندا، اوهان کي ڪير به هارائي نه سگهندو، بس پاڻ تي اعتماد هجڻ گهرجي ته آئون ئي کٽيندڙ آهيان. هونئن به جهنگ ۾ وڏو جانور قد ۾ ته زرافا، بت ۾ هاٿي، ڦڙتيلو چيتو هوندو آهي پر جهنگ جو بادشاهه شينهن ئي هوندو آهي، ڇو ته ٻين کي پاڻ تي ڀروسو ناهي هوندو، خوف ۾ ورتل هوندا آهن.