نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. گورنر جي بيان تي ڪاوڙ ظاهر، عرب شڪارين ۽ شڪار تي پابندي لاءِ ناظم جوکيو جي نالي سان قانونسازي ڪئي وڃي: عوام

0
256

                         ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته عرب شھزادا پاڪستان ۾ شڪار لاءِ ايندا آھن ته خوشحالي کڻي ايندا آھن، گورنر عمران اسماعيل جي ان بيان کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا ناظم جوکيو جي نالي سان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪرڻ گھرجي ؟جنھن ۾ شڪار تي پابندي سوڌو شڪارين لاءِ سخت سزا ھجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن گورنر جي بيان تي افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوشحالي رڳو اهي وڏيرن لاءِ آڻيندا آهن، ڇا اها خوشحالي آهي جو اهي هاڻ پکين سان گڏ ماڻهو به ماري رهيا آهن؟ عرب شڪارين ۽ شڪار تي پابندي لڳائي وڃي، ناظم جوکيو جي نالي سان اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته خوشحالي ته انھن وڏيرن ۽ سندن واٺن لاءِ ايندي آھي باقي غريبن جو ته سر ئي ٿو وڃي قانون سازي بلڪل ٿيڻ گھرجي ۽ ھن امر ڪردار جي نالي سان ٿيڻ گھرجي، محمد يونس کوسو لکيو ته اهڙي خوشحالي کان ڀينگ ڀلي آهي جيڪي وڏيرن ڀوتارن جي لاءِ خوشحالي هجي ۽ مظلومن لاءِ بدحالي هجي. خادم گهراڻو لکيو ته عرب جيڪي هتي شڪار ڪرڻ اچن ٿا اهي ڪهڙي خوشحالي آڻيندا آهن سنڌ کي هنن فائدو نه ڏنو آهي ناظم جوکيو پکين لاءِ جان گهوري ڇڏي. گلزار ملاح لکيو ته هتان جا حڪمران خليجي ملڪن سان تعلقات خراب ڪرڻ نٿا چاهين، باقي خوشحالي فقط انهن خاندانن وٽ ايندي آھي جيڪي عربن کي شڪار ڪرائيندا آھن،

پرويز خاصخيلي لکيو ته گورنر حوال ٿو ڪٽي، وحيد ڄامڙو لکيو ته عرب شڪاري وڏيرن، سردارن ڀوتارن لاءِ خوشحالي آڻيندا آهن جيڪي انهن لاءِ نوڪريون ڏيندا آهن، غلام علي ٻجورو لکيو ته گونر جي اهڙي بيان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. شڪار ۽ شڪارين تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي، سڪندر علي لکيو ته گورنر کي اهڙو بيان مقتول نظام جوکيو تڏي تي نه ڏيڻ کپي ها عرب ٻين صوبن ڏانهن ڇو نٿا وڃن؟ جنيد زرين جمالي لکيو ته گورنر کي وضاحت ڏيڻ گھرجي ته ڪھڙي قسم جي خوشحالي عرب ڏيندا آھن ۽ بدلي ۾ عربن کي اسين به ڪئين خوش ڪندا آھيون، ناظم جوکيو جي نالي سان منصوب قانون سازي ٿيڻ گهرجي. خاموش خليل شر لکيو ته خوشحالي اها آهي ته عرب سنڌ ۾ داخل ٿي عياشيون ڪن ٿا، ماڻھون مارائن ٿا. گورنر جي بيان تي افسوس ڪري سگهجي ٿو، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته حُسناڪي جي خاتمو ڪهڙي خوشحالي آھي؟ گورنر سنڌ جي اهڙي بيان تي افسوس ڪري سگهجي ٿو، غلام نبي بلوچ لکيو ته اهي آهن اسان جا حڪمران، مظهر علي شاهه لکيو ته عرب انهن لاءِ خوشحالي آڻيندا آهن، عبدالجبار چانگ لکيو ته گورنر جو بيان ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، ان جي مذمت ڪيون ٿا، ڇا ان کي شھيد ناظم جوکيو جي وني جون دانهون ٻڌڻ ۾ نه آيون ۽ نه ئي ان جي ٻچڙن جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون؟ شھيد ناظم جوکيو ( مهمان ) پکين کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو ان کي سرخ سلام، ٽائيم نيوز جي سرواڻ محترم علي قاضي اڱاري ڏينهن ان جو آخري بيان هلائڻ ۽ ان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جيڪو وقتائتو اعلان ڪيو آهي کيس جس هجي. بختيار علي کوسو لکيو ته گورنر جي بيان کان واضع ٿئي ٿو شڪار تي پابندي مشڪل لڳي عربن کي آڻڻ وارن سردارن کي پابند ڪن مقامي ڳوٺاڻن جو خيال رکن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گورنر تڏي وڃي انصاف جي خاطري ڪرائي وري اهڙو بيان ڏنو. مير امان الله ڪولاچي لکيو ته انهي گورنر مان اميد به اهڙي رکي سگهجي ٿي، عاشق حسين لکيو ته گورنر پاڻ وڻائڻ لاءِ اهڙو بيان ڏنو، انھن کي عوام ۽ ملڪيتن جو احساس ڪئين ھوندو، شڪار کي روڪڻ لاءِ قانوسازي ڪئي وڃي. غلام سرور لکيو ته وڏيرن لاءِ خوشحالي آڻيندا آهن. عابد بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، شفقت جروار لکيو ته گورنر جو اهو بيان انتهائي افسوسناڪ آهي عرب ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن ۾ خوشحالي ڇو ناهن کڻي ويندا؟ جو سنڌ ۾ اچي پکين سان گڏ ماڻھن کي به مارائيندا آهن.

رضا بجير لکيو ته ناظم جوکيو سنڌ جو اهو پهريون شهيد آهي جنهن پکين کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، عربن جون پرمٽون رد ڪيون وڃن ان عرب کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن پکين جو شڪار ڪيو، اسان جس ڏيون ٿا علي قاضي صاحب کي جنهن اڱاري ڏينهن صبح 8 بجي کان شام 8 بجي تائين هر بليٽن ۾ شھيد ناظم جوکيو کي اسڪرين تي ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو آھي سڄي سنِڌ ۾ شھيد ناظم جوکيو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. مڪيش ڀوراڻي لکيو ته گورنر جي عمران خان جي صحبت ۾ اچي اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو، موهن لال لکيو ته پرڏيهي معاملا وفاق سان وابسته آهن ۽ گورنر به وفاق جو نمائندو آهي،سنڌ سرڪار وفاق سان مشاورت ڪري شڪاري لوڌ کي روڪي ته جيئن فطرت سان هٿ چراند بند ٿئي ان لاءِ سنڌ سرڪار قانونسازي ڪري. اقبال احمد مهر لکيو ته عربن واري خوشحالي انهن کي مبارڪ هجي ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته عربن جي سنڌ ۾ شڪار تي پابندي لڳائي وڃي. بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته ماحولياتي تحفظ لاءِ سخت قانون سازي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. غلام شبير ڪنڀر لکيو ته اهي ڪيئن انهن تي پابندي لڳائيندا. انتظار حسين ڦل لکيو ته سڀ سياستدان عربن سميت ٻين ملڪن کان ايندڙ غير ملڪين جا سهولتڪار آهن سياستدانن جي اهڙي بيانن تي افسوس ئي ڪري ٿا سگهون، ذاڪر حسين لکيو ته وفاقي حڪومت هجي توڙي سنڌ حڪومت جا اڳواڻ ڳالھه ساڳئي آھي هنن کي رڳو مال کپي اهو ڪٿي به ناهي جو غيرملڪين کي ايڏي ڇوٽ ملي پر بدقسمتي سان اسان وٽ سڀ جائز آھي هي خوشحالي عوام لاءِ نه پر هنن سياسي ڀوتارن لاءِ آهي.

باغي ساحل ڪمار لکيو ته اھڙي خوشحالي اسان کي نٿي گهرجي جنهن ۾ قڌرتي سونھن تلور جا پکي ۽ ٻي جيوت کي نقصان پھچي، اسان کي ھاڻ ناظم جوکيو جي ڏنل واٽ تي ھلي اھڙي نظام جو بلڪل بائڪاٽ ڪرڻ گهرجي، مير خان بجاراڻي لکيوته خوشحالي رڳو انهن سهولتڪارن وڏيرن جي ايندي آهي، منظور علي زرداري لکيو ته گورنر کي اھڙو بيان نه ڏيڻ گھرجي ھا، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته گورنر به پ پ جي نمائندي وانگر پيو ڳالهائي، وفاقي سرڪار عرب شڪارين مٿان پابندي هڻي. عرفان جروار لکيو ته ڪار تي پابندي لاڳو ھجي گورنر جو بيان غلط آھي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته گورنر جي اهڙي بيان جي مذمت ڪيون ٿا. جانب ڪٽوهر لکيو ته شڪار تي پابندي لڳائي وڃي،

گورنر سنڌ جي بيان جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا. قاصر محمد نواز لکيو ته پ پ جيان پي ٽي آءِ وارا به عرب شڪارين جا سهولتڪار بڻيل آهن، يعقوب کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته افسوص آهي بيان گورنر سنڌ جو آهي جنهن ۾ اميد هئي ناظم جوکيو جي ڏکاري فيملي کي پر هن افسوسناڪ بيان ڏنو، سنڌ سرڪار تي افسوس آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ ۾ موجود جهنگلي جيوت کاتو مڪمل طور ماٺ ڪري ويٺو آهي ٻيو ته عربن کي اجازت ڏئي سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي عربن جي اچڻ سان ڪا به خوشحالي نه ايندي آهي انهن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. سليم اختر لکيو ته سنڌ جا جوڌا وڏيرن جي هٿان ماريا پيا وڃن، واهه گورنر واهه تنهنجي سوچ، اها خوشحالي آهي، جمال الدين چنا لکيو ته اها خوشحالي انهن کي مبارڪ، اهڙي خوشحالي تي لعنت هجي جيڪا غريبن جا گهر تباهه ڪري، پرتاب راءِ لکيو ته واھه گورنر تنهنجي سوچ هاڻ مطلب عرب شهزادا انسانن جو به شڪار ڪندا؟ سمير احمد لکيو ته ڀلي اچن پر علائقي واسين سان صلاح مشورو ڪن، ذوالفقار علي شر، مجاهد رند، ڪامريڊ لڪش والماڻي، غلام عباس پرهياڙ، آفتاب سهتو، وزير پنهور، رياض خاصخيلي، سرفراز، ڌڻي بخش نصيراڻي، محمد ايوب چانڊيو  ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو .