پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان مدرسي جي مولوي خطابي کي مبينا طور بدفعلي جو نشان بڻايو ويو، ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھو انڍڙ ۾ جوابدار پاران مدرسي جي خطابي  ڏھن سالن جي نينگر (ص ر) کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ميڊيڪل چڪاس لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، نينگر جا ميڊيڪل لاءِ جزا ورتا ويا، نينگر جي وارثن مدرسي جي استاد حسين انڍڙ تي الزام لڳائيندي چيو ته نينگر کي استاد بدفعلي جو نشانو بڻايو، پوليس موجب، الزام ھيٺ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن ۽ مامري جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.