ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سرڪار پاران ڀٽ شاھه ۾ قائم ٿيل صوفي يونيورسٽي تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ بعد اڃا تائين نصاب طئه نه ٿي سگهيو،  صدر آصف علي زرداري جي نوٽيس تي سنڌ حڪومت جاڳي پئي ـ ان ڏس ۾ ڀٽ شاھ ۾ قائم صوفي يونيورسٽي جو بل 2011ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو  پاس ڪرايو ھو، انهي مادر علمي  جو مقصد سنڌ ۾ صوفي ازم بابت تعليم ڏيڻي ھئي، يونيورسٽي جي قيام کي 11 سال گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار توڙي يونيورسٽي انتظاميا صوفي ازم بابت تعليم جي فراھمي ۾ ناڪام رھي آھي،  ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري صوفي يونيورسٽي جي حوالي سان نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي ھدايت ڪئي آھي ته صوفي يونيورسٽي ذريعي صوفين جي پيغام کي عام ڪيو وڃي ان حوالي سان سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ آھي ته صدر آصف زرداري  جي ھدايتن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ھڪ گڏجاڻي ڪئي آھي، جنهن ۾ صوفي يونيورسٽي ۾ صوفي ازم پڙھائڻ لاءَ نصاب جي تياري تي غور ٿيو،  ھن چيو ته صوفي يونيورسٽي جنهن مقصد لاء ٺھي ھئي، اھو علم اتي پڙھايو ئي نٿو وڃي، اسان  صدر آصف علي زرداري جي ھدايتن تي صوفي يونيورسٽي جي حوالي سان ڪم ڪريون پيا، هن چيو ته نصاب ٺهڻ بعد صوفي يونيورسٽي جا بدين ۽ سچل سرمست جي درگاهه  درازا شريف ۾ ڪيمپس قائم ڪنداسين.

فرزانه جمالي  ڪيس ۾ هٽايل ارشد سليم کي وي سي ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي: صوفي يونيورسٽي جي وي سي لاءِ نامزد ڪيل ارشد سليم کي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ مان هراسمينٽ جي الزام ھيٺ ھٽايو ويو ھو،  جڏهن ته صوفي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر پروين منشي مدو پورو ٿيڻ بعد پاڻمرادو چارج ڇڏي ڏني ھئي،يونيورسٽي جي نئين  وي سي  لاءِ مختلف اميدوارن کان انٽرويو ورتا ويا ھئا، صوفي يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور مقرر ٿيل ارشد سليم وٽ رجسٽرار جي اضافي چارج پڻ آھي کيس شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نوابشاھه  ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي هراسمينٽ  ڪيس بعد ھٽايو ويو ھو، جنهن کي وري صوفي يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران سفارش ڪئي وئي آھي.

 

صوفي ورسٽي ۾ ماڊرن سائنسز، آءِ ٽي، بي بي اي، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سائنس سميت 6 مضمون پڙھايا وڃن ٿا !

ڪراچي : صوفي يونيورسٽي 2013ع ۾ قائم ٿي،  جنهن جي ڊاڪٽر پروين منشي پھرين وائيس چانسلر ھئي، انهي يونيورسٽي ۾  صوفي ازم بدران ماڊرن سائنسز، انفارميشن ٽيڪنالاجي،  بي بي اي، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سائنس سميت 6 سبجيڪٽ پڙھايا وڃن ٿا، اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر پروين منشي جي ذاتي ڪوششن سان مير اڪبر ٽالپر يونيورسٽي لاءِ 10 ايڪڙ زمين ڏني ھئي، جنهن تي ھن وقت يونيورسٽي جو تعميراتي ڪم ھلندڙ آھي.