جھول (رپورٽ: ممتاز شر) ڪرڪلي جي ٽڪ ٽاڪر سان اجتماعي بدفعلي ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو جھول ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل، ٻه ڄڻا گرفتار، خبر موجب جھول ڀرسان ڳوٺ ڪرڪلي جي رهواسي ٽڪ ٽاڪر سان اجتماعي بدفعلي ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري هراسان ڪرڻ جو ڪيس جھول ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر ذيشان  ابوپوٽو جي چاچي عبدالعزيز ابو پوٽو ڄاڻايو ته ذيشان کي جوابدار رحيم شر، بلال لغاري ۽ علي رضا جٽ ورغلائي هڪ اڻاتل هنڌ وٺي وڃي بدفعلي ڪئي، وڊيو رڪارڊ ڪرڻ بعد نينگر کي بليڪ ميل ڪيو ۽  سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪيو، جھول پوليس ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن رحيم شر ۽ بلال لغاري کي گرفتار ڪري ورتو.