وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو.

ھي سماج جنھن ۾ ھر ڏينھن ڪو نئون درد کڻي ايندو آهي ۽ ھر رات ڀوائتا خواب کڻي اچي ڇرڪائيندي آھي. الله خير ڪري اڄ ڪنهن کي  ڪجهه نه ٿئي، پر  ڇا ڪجي ان بدنصيب سنڌ جو جتي ھرروز ڪنھن ڪونڌر جو لاش ملي ٿو. ھر ڏينھن ان درد  دانھون ڪوڪون  ٻڌڻ م اچن ٿيون. لڇندڙ ڦٿڪندڙ ماروئڙا، ھانءُ ڏاريندڙ  دانھون، ڏينهن رات مايوسي ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي، آخر ھي ناانصافي ڪٿي دنگ ڪندي ؟ آخر ھن درد جو درمان ڪير ڪندو؟  آخر سماج جي ھي بيحسي ڪڏھن ختم ٿيندي؟ اسان لاش کڻڻ ڪڏھن بس ڪنداسين؟ انسان کي انسان ڪڏهن  سمجھنداسين؟

اسان وٽ ڪڏهن ارشاد رانجھياڻي جي صورت ۾ ته ڪڏهن  وري ناظم جوکيو جي صورت ۾  ڪونڌر ڪٺا ٿا وڃن ته وري ڪڏهن  مڙس ھٿان زال جو قتل ھجي يا سري عام گوليون ھڻي فھميدا سيال جي قتل ھجي يا ڪنھن نياڻي کي درندگي جو نشانو بڻائي لاش ڪنھن گند ڪچري ۾ اڇليو ويو ھجي! يا ڪنھن قبر مان لاش ڪڍي ان جي بيحرمتي ڪئي وئي ھجي! هي بي امني ڪٿان اچي وئي آهي؟

ڪڏھن ڪنھن مسجد۾ ٻار سان ٿيل زيادتي ڪڏھن ڪنھن اسڪول ۾ استاد جي ور چڙھيل ڪنھن معصوم ٻار جو اپمان ٿو ٿئي، ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيل جوڙا ته عام ڳالهه ٿي چڪي آهي، ڪھڙا ظلم ڳڻي ڪھڙا ڳڻايان… اھو سڀ ڏسي ٻڌي ائين ٿو لڳي ته ھي سماج ڏينھون ڏينھن پستي طرف وڃي رھي آھي.  آخرڪار ھن ظلم جو انت ڪٿي ٿيندو؟ ھن سماج ۾ بھتري ڪڏھن ٿيندي؟ آخر اسان ھن گھٽيل سماج ۾ ڪڏھن سک جو ساھ کڻنداسين؟

ھن دؤر ۾ علم ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي ڊگرين جا ڀرمار آھن مٿان وري ٽيڪنالاجي جو دؤر آھي ان ھوندي به ايتري اونداھي ڇو آھي؟  ڇو ته ھاڻي اسان جون درسگاھون  صرف ڊگريون ورھائڻ جو ڪرخانو بڻجي چڪيون آھن. انھن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي تربيت ڪو نه ٿي ڏني وڃي گھرن ۾ پڻ ٻارن جي تربيت ماءُ بجاء موبائل فون ڪري رھيو آھي. نتيجو ته پوءِ اهڙو ئي نڪرندو! جنهن جاءِ تي پھرين ناني ۽ ڏاڏي کان ڪھاڻيون ٻڌيون وينديون ھيون ھاڻي اھي رشتا پڻ تنھائي جو شڪار ٿي ويا آھن ھن دؤر ۾ ملڪ جون واڳون ڪارن ڪانئرن جي ھٿن ۾ آھن. انھن کي ماروئڙن جي دردن جي ڪھڙي خبر ته انھن تي ڇا وھي واپري رھيو آھي؟ اھي ظالمن جي ھٿن کي مضبوط ڪرڻ م رڌل آهن . تنھڪري  شاھ صاحب فرمايو ته

ويا مور مري ھنج نه رھيو ھيڪڙو،

انھن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙھي،

وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو.

سردار خاتون/حيدرآباد

 

هڪ لک نوڪريون ڏيڻ جو اعلان!

وزيراعلى پنجاب سردار عثمان بوزدار سڄي صوبي ۾ مختلف کاتن اندر هڪ لک خالي آساميون ڀرڻ جي منظوري ڏني آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي انتخابي منشور ۾ 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. ڪرونا وائرس ۽ معاشي بحران جي ڪري واعدو وفا نٿي سگهيو پر هاڻي حڪومت سرڪاري کاتن ۾ هڪ لک نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه خوش آئيند آهي. حڪومت جي آخري ڏيڍ سال ۾ ئي سهي، اگر هڪ ڪروڙ نه ته 10 لک ماڻهن کي لازمي نوڪريون ڏئي ڪري انهن کي ايندڙ اليڪشن ۾ لهڻ کپي. هڪ لک نوڪرين ۾ ميرٽ، تعليمي قابليت ۽ تجربي جي بنياد بڻائي نوڪريون ڏنيون وڃن تان جو اهل ماڻهو ڪاروباري مملڪت کي بهتر انداز ۾ هلائي ملڪ کي ترقي طرف وٺي وڃن. تنهن سان گڏ پ پ پ جي سنڌ حڪومت به هڪ کان چار گريڊ کانسواءِ ٻين نوڪرين ڏيڻ جو به ِ اعلان ڪري چڪي آهي. خدانخواستا هڪ لک نوڪرين ۾ ڪٿي گڙٻڙ ٿي يا رشوت ستاني جي ڪائي خبر آئي ته پنجاب حڪومت ذميوار هوندي،. هن وقت ڳالهه اها آهي ته وزيراعلى پنجاب ۽ وزيراعلى سنڌ پنهنجي نگراني ۾ نوڪرين جي معاملي کي صاف شفاف بڻائڻ جو ميڪنيزم جوڙين ته جيئن ميرٽ جو قتل نه ٿئي ۽ مستحق ماڻهن کي نوڪريون ملي سگهن.

 

محمد اسلم ماڪو (پنوعاقل)

ناظم جوکئي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل

ٽائيم نيوز روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ ۽ دانشور علي قاضي صاحب پاران ايندڙ اڱاري تي صبح جو ڏھين وڳين کان وٺي شام تائين سڄي سنڌ ۾ ايم پي اي گھرام جوکئيي ھٿان بيگناه شھيد ڪيل ناظم جوکئي جي تصير آڏو ڏيئا ٻاري کيس پيش ڪرڻ ۽ ھر ڪلاڪ بعد شھيد ناظم جي آخري ويڊيو (جنھن ۾ ھو جوکيا سردارن جي سرداري کي للڪاري ٿو ) نشر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ميڊيا فورم تان علي قاضي صاحب جو اھو اعلان وقائتو ۽ ساراھ جوڳو قدم آھي. ان کان سوء قلم ڌڻي دانشور اديب ساڃاه وند ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگھن؟ ٽائيم نيوز توڙي روزاني پنھنجي اخبار بنا ڊپ جي ناظم جوکئي جي قاتلن کي نه صرف وائکو ڪيو پر جوکيا سردار ڀائرن ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ جوابدار مک قاتل ايم پي اي ڄام گھرام جي دھشتگردي کي سنڌ آڏو ننگو ڪيو آهي.  ڀرپور آواز اٿارڻ تي روزاني پنھنجي اخبار ٽائيم نيوز جي سڄي سٿ ۽ ٻنھي ادارن جي سرواڻ علي قاضي صاحب جن جي ڪاوشن کي سلام پيش ڪجي ٿو.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

 

ڀوتارڪي ۽ سردارڪي سوچ خلاف مزاحمت جو وقت!

ٻڌو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل جي مک جوابدار اويس گهرام  گرفتاري پيش ڪئي آھي، ويڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو بنا هٿڪڙي جي پوليس واري سان هٿ هٿ ۾ ملائي وڃي رهيو آهي، جڏهن ته اسان پوليس ٻڪري جي چور کي به پهرين هٿڪڙي هڻندي آهي، قاتل کي ته ٻنهي هٿن ۾ هٿڪڙيون هنيون ويندون آهن پر جيئن ته شهيد ناظم جي ڀوتار قاتل سان پوليس جو نرم ورتاءُ ڪيس سان ناانصافي جي پهرين شروعات آهي، شهيد ناظم جي وارثن پاران قومي شاهراهه بند ڪرڻ کانپوءِ  سنڌ سرڪار جي ڪن تي جون سري آهي ۽ وزيرن  اچي  مقتول جي وارثن سان واعدو ڪيو ته اجهو ٿا قاتل گرفتار ٿين، مطلب قاتل به رابطي ۾ ئي هئا، فرار نه هئا، واضع رهي ته قاتل به سرڪاري ڌر جا بااثر ماڻھو آھن، خير ايم پي اي، ايم اين اي هاڻ ڍو جهلي ناهن سگهيا، پيٽ ڀرجي ويا اٿن جو سري عام گوليون هڻي سنڌ واسين کي معمولي ڳالهه تان ماريو ڇڏن ٿا، ناظم جوکيو به ڪو هنن جو ڏوهه نه ڪيو  هو، هنن جا بدمست عرب مهمان هن جي دنگ ڳوٺ وڃي  شوق شڪار ڪرڻ لڳا هئا، جنهن تي ناظم کين روڪيو ته هو گرم ٿي ويا، دولت جي نشي ۾ دت عربن سمجهو ته سڄي دنيا سندن جاگير آھي.

جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ پکين  توڙي جانورن جي نسل ڪشي خلاف آھي ڪوبه ملڪ اهڙو ڪڌو ڪم ڪري ماحوليات کي نقصان رسائڻ جو سوچي به نٿو سگهي، اهڙي ماحول ۾ سياري جي شروعات ٿيندي ئي عرب ماري اسانجي وڏيرن ڀوتارن سردارن رئسن وٽ پهچي سندن کيسا گرم ڪن ٿا، موٽ ۾ هي امير خاندان سندن جائز ناجائز سڀ خواهشون پوريون ڪن ٿا، تلور پکي لاءِ  مشھور آھي ته طاقتور پکي آھي، جن شڪار لاءِ به طاقتور شڪاري پهچن ٿا، سندن راتيون نه رڳو شرابن پر شبابن سان سجائڻ اسانجي امير ڄامن سردارن ڀوتارن جو ڌندو ٿي وئي آھي، عام ٻولي ۾ اسين ان کي ڪجهه ٻيو چوندا آھيون، جنهن خطي جا چڱا مڙس اهو ڌنڌو فخر سان ڪن ته پوءِ عام ڪامورن ڪٽڻ ڪوٽارن جو ڇا حال هوندو؟ جيڪي اسانجا عرب مهمان هتي اچي شڪار بهاني عياشيون ڪن ٿا، اهي پنهنجي ملڪ ۾ نيڪ پرهيزگار ۽ سخت قانوني عرب سڳورا سڏجن ٿا، هتي اهي جبا لاهيو اڇليو چڍا پايو مهينن تائين خوب عيش ڪن ٿا، موٽ ۾ وڏيرن کي گاڏيون، ڏوڪڙ، انعام اڪرام ته ڇا پر وزارتون به اثر رسوخ هلايو ڏياريو وڃن، صد! افسوس ويهين صدي جو سنڌي وڌيرو به اڃا انهي ڪريل ڪرت ۾ مست مدهوش آھي.

ٻين لفظن ۾ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جاگيردارن سنڌ کي ٽڪن عيوض عربن جي عياشڌاني بڻائي ڇڏيو آھي، معصوم  پکين جي شڪار تي پوليس وائلڊ لائيف سڀ کاتا خاموش آهن ته هي صاحبن جا مهمان آھن.

هي ماري ٿيا مهمان آھن ،

اڄ پکين ۾ چئوٻول هيو

ٻيا سڀ ڌاريا هئا ڪٿي !

گڏ گهر جو ڪتو رول هيو!

پکين جي ڪسجڻ ڄو گهاءُ ت سنڌ جي سيني تي وڏيرا هڻن ئي ٿا پر جيڪو ٿئي ٿو سو نه مذھبي نه سماجي ۽ نه وري انساني حوالي سان هضم ڪري سگهجي ٿو، ڪجهه ڌاريا شڪاري ٿر، ڪجهه گوٽڪي، ڪجهه ٺٽي ته ڪجهه ڪوهستان ۾ پکڙيا پيا آھن، سندن سنڌي يارن جون موجون ئي موجون آھن، الميو اهو آھي ته سنڌ جي ماحولياتي حسن بيوس عصمتن  جا سوداگر اسان جا اڳواڻ آھن. سوچيون ٿا ته سنڌ تي ڌارين جي وارن تلوارن شڪارن جو سلسلو کٽو ئي ڪٿي آهي  پر هر ڀيري ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ڪو نه ڪو پنهنجو ئي رهيو آھي، هاڻ جڌهن هيڏو واقعو ٿيو آهي تڌهن به مختلف نام نهاد سنڌي رئيس ڀوتار ساڳين مهمانن سان گڏ ٿر ٿائين شڪار تي پهتا آھن، هي سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو؟ جواب آھي اهو ته جسيتائين ڀوتارڪي ۽ سردارڪي سوچ نه ٿيندي، تيستائين سنڌ سان اهو حشر جاري رهڻو آھي ۽ ان سوچ کي بدلائڻ لاءِ سنڌ کي مزاحمت ڪرڻي پوندي.

امر خورشيد شاهه

سياستدانن کي عوام سان ڪا همدردي آهي؟

 

هي ڪرسين تي  ويٺل حڪومتي ۽ اپوزيشن ٽولا هڪ سيڪڙو سچ باقي نوانوي فيصد ڪوڙ ڪندا آهن، ان جو تازو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ اخبار ۾ ڇپيل هڪ سينيٽر جي تصوير آهي جنهن تصوير کي غور سان ڏسجي ته سينيٽر صاحب کي سائيڪل هلائڻ ئي نٿي اچي، ان ڪري گڏ بيٺل همراهه هٿ جهلي سائيڪل کي ڊرامائي انداز سان اهو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري سائيڪل تي اجلاس ۾ پهتو . اهي سياستدان ڪوڙا آهن اهي حڪمران هجن يا اپوزيشن وارا،  انهن کي غريبن سان ڪا به همدردي ناهي بس پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ جي چڪرن ۾ آهن. انهن کي جيڪڏهن واقعي مهانگائي جي ڪري غريبن جو احساس هجي ها ته هڪٻئي تي الزام تراشي نه ڪن ها بلڪه عملي ڪم ڪري ڏيکارين ها پر ائين نه پيا ڪن. ڇو ته اهي هڪٻئي کي گاريون ۽ الزام ڏيڻ ۾ واندا ئي ناهن. اهي سياستدان جلسن ۾ هڪٻئي سان جيڪا تعدي ڪندا آهن رڳو عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ڪن ٿا، ٻيو ڪجھ ناهي. ڇو ته اوهان پارليامينٽ هائوس وڃي ڏسو اتي اهي هڪٻئي کي گاريون ڏيندڙ ڪئين ٿا پيا ٽهڪ ڏئي تاڙيون هڻندا آهن. ان ڪري عام ماڻهو کي هاڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن مهانگائي ۽ غربت مان جند ڇڏائڻي آهي ته ووٽ انهن ماڻهن کي ڏجو جيڪي اوهان جي مسئلن کي سمجهي سگهن .

 

دليپ آزاد عمرڪوٽ

 

ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان! غريبَ آخر ڪٿي دانھين٠٠؟

 

سچ اھو آھي، ته جيئن ئي تبديلي سرڪار آئي آھي، تڏھن کان وٺي رات جو ڪا شيء 20 رپين ۾ وٺبي ته صبع ننڊ مان اٿون ٿا ته،  30يا 40 روپيه ٿي وڃي ٿي. جيئن رات وچ ۾ پيٽرول اگهن ۾ وڌا ڪئي وئي، ان کان سواءِ کنڊ وڃي 160کان 170 تي پھتي آھي. روزمره جي استعمال واري ھر شيءِ مھانگي ٿي آهي، اسلامي جمھوريه پاڪستان جو غريب عوام ۽  مزدور طبقي جا حال ھيڻان ٿي ويا آھن! ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ توڙي 50 لک گھر ڏيڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ تبديلي سرڪار  ٻيو ٺھيو پر، مھانگائي جا اھڙا ته رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن٠ جو پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ مھانگائي جو اھڙو مثال نٿو ملي٠ ھڪ طرف پوري ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي جو نوجوان طبقو بيروزگاري  جي گھاڻي ۾ پيڙھجندو رھي ٿو٠ مٿان وري مھانگائي جي ڪرندڙ بمن غريب ماڻھن کي ساڙھي ۽ ڳاري فنا ڪري ڇڏيو آھي٠ انڪري وقت جي سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي خدارا عوام جي وات مان ماني جو گرھ ته نه کسيو٠ اٽي لٽي کان ويندي پيٽرول ۽ ٻين روز مره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني شين ۾ لاٿ ڪري غريب عوام جيئڻ ڏنو وڃي

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

جديد دور ۾ به پٺتي پيل سنڌ جي صورتحال

 

دنيا ته ويھين صديءَ ۾ ئي ترقي جي انھن منزلن کي ماڻي ورتو ھو جيڪي ھن وقت تائين ايڪويهين صديءَ ۾ به سنڌ حاصل ناھي ڪري سگھي. اڄ جي دؤر ۾ جتي دنيا وڃي چنڊ تي پھتي آھي خلا ۾ اسپتالون گھر وغيرہ ٺاھڻ جي رٿا ٿي رھي آھي، اھڙي ڪمپيوٽر جي جديد ترين دؤر ۾ بدقسمتيءَ سان سڄي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ھوندي به کنڊر جو ڏيک ڏئي رھي آهي. ٿر جو ڪارو ڪوئلو سون برابر ھجڻ ڏھرڪي ۾ سڄي ملڪ کي گئس جي پئداوار مھيا ڪندڙ ماڙي گئس ۽ فوجي فرٽيلائزر سميت ڪيترين ئي معدنيات ۽ صنعتن ڪمپنين جي ھجڻ جي باوجود سنڌ جا رھواسي زندگيءَ گذارڻ لاء وڏا ڪشالا ڪاٽين ٿا. سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي جو عروج ھجڻ ڪري ھتان جا ادارا ۽ ڪمپنيون پنجاب جي ماڻھن جي قبضي ۾ آھن ھتان جا بيروزگار نوجوان آفيسن توڙي ڪمپين جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي آخر پريشان ٿي ٻين شھرن ڪراچي ڏانھن روزگار سانگھي وڃن ٿا. اتي به پنجاب ۽ افغانستان جي لوڌ ويٺل آهي . صحت جي حالت اها آهي جو بيماري جي حالت ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهن کي بخار جي گوري به نٿي ملي. ايتري مھانگائي جي دؤر ۾ غريب عوام پنچ سؤ رپين تي سڄي ڏينھن جي پورھئي مان پنھنجو پيٽ پالي يا بيمارين کي منھن ڏي ؟ هتي جو عوام تعليم جي سھولت کان به محروم آھي. سنڌ جو وڏي آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي پر ان لاء سنڌين کي پاڻي جي ڍڪ لاء سڪايو ويو آهي. وفاق پاران سنڌ جو اڌ کان مٿي پاڻي پنجاب کي ڏنو پيو وڃي ۽ جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي ھتان جي وڏيرن جو قبضو آهي. بدامني جي حالت اها آهي جو اسان جون نياڻيون ۽ لڄ به محفوظ ناھن. ڪجھ ڏينھن پھريان حيدر آباد واسي غريب نوجوان جيڪو وڏيري وٽ مالھي بيٺل ھو ان وڏيري جي مور پکي گم ٿيڻ تي نوجوان تشدد ۽ وحشت جو نشانو بڻائي کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو ھو. ٻه ڏينھن پھريان ٺٽي واسي نوجوان پاران تلور جي شڪار تي آيل عرب شيخن جي لائيو ويڊيو رڪارڊ تي ڪرڻ تي تر جي وڏيري کيس ماري ڇڏيو. قمبر جو واقعو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. جتي پ پ ايم پي اي جي سرعام فائرنگ ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ قتل ٿي وئي. سنڌ ڌرتي ھميشه بزرگن جي سرزمين رھي آھي جتي شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست ، قلندر شهباز جھڙن بزرگن ھميشه امن جو درس ڏنو آھي پر اڄڪلھ وڏيرن ۽ جاگيردارن سنڌ ۽ سنڌي عوام کي کي غلام بڻائي ڇڏيو آھي. ان حالتن مان جند ڇڏائڻ لاءِ هاڻي عوام کي اٿڻو پوندو.

 

محمد يونس بوزدار‎‎ / شھدادڪوٽ

شهيد ناظم جوکيي جو خون رائيگان نه ويندو

اھا ننڍڙي زينب جيڪا بابا ڪري پڪاري ٿي. بابا مون لاء کير وٺي اجچو يا ھاڻ مون کي ننڊ نٿي اچي! ننڍڙا ٻاتڙا ٻول ٻڌي يقينن اندر اڌ ٿيو وڃي. اسان وٽ ڏسجي ٿو سنڌ حڪومت جي وڏي ڪمزوري آهي ۽ قانون به سنڌ مان موڪلائي ويو آهي. ٺٽي ويجھو ناظم جوکئي کي سردارن عرب شڪارين جي وڊيو ڀرڻ تان پاڻ وٽ گھرائي تشدد ڪري موت جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، پر اھي بگهڙ ان حقيقت کان غافل ھئا ته ناظم جو نالو امر رھندو، ناظم جي موت تي سموري سنڌ سوڳوار آهي جڏهن ناظم جوکئي واري ويڊو انهن سردار لاءِ منهن تي چماٽ آهي،  حقيقت ۾ منهنجي جسم ساھ ان وقت ڇڏيو جڏهن “پنهنجي اخبار” ۾ معصوم ٻارن جا جملا ڪنن سان ٽڪرايا ” بابا کير کپي، بابا کير وٺڻ لاءِ ويو آهي پوءِ آئون پنهنجي اندر جي بک کي ختم ڪنديس. معاملو هاڻي ميڊيا تي اچي چڪو آهي. مون کي يقين آهي ته ناظم جوکيي جي خون سان انصاف ٿيندو. سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام جو خاتمو ايندو.

 

شبير احمد ڪوري/ خليفو قاسم بدين،

 

ڍورونارو  ۾ ڪوس گهر بڻيل احساس ڪفالت سينٽر‎‎

تعجب اهو ٿئي ٿو ته حڪومت الائي ڇا سوچي هن پروگرام جو نالو احساس ڪفالت رکي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته حالتن جي حساب سان هن ۾ نه احساس آهي نه ڪفالت! جتي به هن پروگرام جا سينٽر قائم آهن اتي غريب مسڪين ۽ اٻوجھ ماڻهن جي ابتي کل لاٿي وڃي ٿي ۽ انهن مستحق ماڻهن سان آيل قسط ۾ پنج کان هزار  روپئي جي ناجائز ڪٽوتي ڪري انهن جي حق تي سرعام ڌاڙو هنئيو وڃي ٿو.   اهو ڌاڙو هڻندڙ ڪو چور يا ڊاڪو نه بلڪه پوليس انتظاميا کان وٺي ڪي قلم ڌڻي ۽ ڊوائيس مالڪ به شامل هوندا آهن، جن کي شام جو ٽائيم ڊوائيس بند ٿيڻ وقت پنهنجو پنهنجو حصو ملندو آهي ۽ اهو حلال سمجهي کيسي ۾ رکي مڇون وٽيندا پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن. اسان وٽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍورونارو فرسٽ لسٽ تي آهي جتي ڪٽوتي سرعام آهي ۽ لکڻ لاء ڪو به تيار ڪونهي. ان کان پوءِ ٻين سڀني احساس  ڪفالت سينٽر تي سرعام ۽ ناجائز پنج سئو کان هزار روپيه جي ڪٽوتي جاري آهي پر مجال آ جو انتظاميا يا ٻئي ڪنهن ڌر ان جي خلاف آواز اٿاريو هجي،  ۽ آواز اٿارن به ڇو ؟ جو انهن جي پاپي پيٽ جو مسئلو آهي.اسان جو آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي نماڻو  عرض آهي ته خدارا غريبن سان ٿيدڙ ان ناجائز ظلم جي خلاف قدم کڻي ڪٽوتي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ حرام خورن خلاف ڪاروائي ڪري سخت سان سخت سزا ڏني وڃي ۽ غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

معشوق علي ساحل عالياني /ڍورونارو