ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه پاران ضمانت ڪرائڻ بدران گرفتاري پيش ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ساراهه سان گڏ سوال به اٿاريا ويا. ان کانسواءِ زين شاهه جي پنهنجي نياڻي سان گرفتاري کان اڳ موڪلاڻي ۽ الاهي بخش بڪڪ سان گرفتاري دوران نياڻين جي ملاقات واريون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ دانش لطيف تيوڻو لکيو ته زين شاهه چيو آهي ته جيڪو ڏوھه مون ڪيو ئي ناهي ته ان جي معافي يا ضمانت ڇو ڪرايان، مير خان چانڊيو لکيو ته زين شاهه اصولن واري سياست جي تاريخ رقم ڪئي آهي، حميرا خان به اهڙي عمل جي حمايت ڪئي، اسماعيل مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه ڏينهن پهريان جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ کان سندس نياڻين سنڌ سان وفا جو وچن ورتو ۽ اهو چيو ته بابا اوهان سن جي سائين جا اهي سپاهي آهيو جنهن جواني جون سڀئي بهارون سنڌ تان قربان ڪيون متان پيريءَ ۾ جهڪيا آهيو، اڄ سن جي سيد سائين زين شاھه پاران گرفتاري پيش ڪرڻ بعد نياڻي اهو چئي موڪلايو ته بابا سنڌ ڌارين کان واپس ورائي پوءِ گهر اچجان اسان اوهان جو شاندار استقبال ڪندا سين، نياڻين کي سلام، محمد خان شيخ لکيو ته سنڌ جي عظيم ڪردارن کي سلام، شاهدا نور، شانل کوسو به نياڻين جي تعريف ڪئي، ڪامريڊ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر جو اي ٽي سي ڪراچي ڪورٽ ۾ وڃي رضاڪارانه طور تي گرفتاري ڏيڻ وارو عمل ايڪشن ڪاميٽي جي فيصلي تحت آھي يا ايس يو پي جي پاليسي مطابق ؟جنهن تي سڪندر تنيو حافظ لکيو ته اوهان جي پارٽي ته ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل ئي ناهي، احمد بلوچ لکيو ته اهو هيروازم آهي، حميد باغي لکيو ته جيڪڏهن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو فيصلو آهي ته به درست آهي جيڪڏهن ايس يو پي جو فيصلو آهي ته به درست آهي، درياخان لکيو ته اهو ايڪشن ڪاميٽي نه پر ايس يو پي جو فيصلو آهي، اياز ولي شيخ لکيو ته ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي تنقيد ڪرڻ جي نه، سجاد علي رند لکيو ته اهو ايس يو پي جي پاليسي تحت فيصلو آهي، اختر سنڌيار لکيو ته زين شاهه جو فيصلو وقتائتو آهي. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌيئرون پيئرن جي اصل طاقت هونديون آهن. الاهي بخش بڪڪ ۽ سيد زين شاهه پنهنجي نياڻين سان گڏ. جنهن تي اظهر شفيع بڪڪ لکيو ته سنڌ سان محبت ڪرڻ جو اهو صلو پيو ملي سنڌ سرڪار جي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا، ذوالفقار قادري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته جيل روانگي وقت زين شاهه پنهنجي نياڻي سيده پرهه ايمن کان موڪلائيندي، سيما سرائي قربان کهاوڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زين شاهه جي گرفتاري قومي تحريڪ ۾ ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ اتساهه پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌي قوم ۾ اميد جو نئون ڪِرڻو پيدا ڪيو آهي، شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زين شاھ ضمانت ڪرائڻ بدران پنهنجو پاڻ کي اي ٽي سي ڪورٽ حوالي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان پرامن احتجاج ڪيو حڪومت دهشتگردي جا ڪيس هنيا آهن، هاڻي حڪومت ثابت ڪري ته اسان دهشتگرد آهيون، ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قومي سياست ۾ هر اڳواڻ جو پنهنجو سياسي نظرياتي قد آهي پنهنجي جلوي جو جلا جو پنهنجو وزن آهي، ذاتي طور تي مون کي اڄ جي قومي سياست جو مستقبل زين شاھ نظر اچي ٿو. هو جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي نظريي جو فڪري وارث آهي ۽ پنهنجي قول فعل ۾ توازن رکي ٿو. آئون اهو به خيال رکان ٿو ته قومي سياست کي وري سائين جي ايم سيد جي اڱڻ تي موٽ کائي تاريخي تقاضا نڀائڻي آهي. اڄ سائين زين شاھ بحريا ٽائون ڌرڻي جي ڪيسن ۾ ضمانت نه وٺي گرفتاري ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو اڙانگهي سفر لاءِ ذهني طور تيار آهي. کيس قومي سلام پيش ڪجي ٿو. جنهن تي نندلال مگهواڻي لکيو ته لانڍي جيل پهچڻ بعد سپرنٽينڊنٽ، زين شاهه کي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سائين زين شاھه جي احتجاجي گرفتاري ان صورت وڌيڪ فائديمند رھندي جڏھن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي يا سندس پارٽي به زين شاھه وانگر گرفتاريون ڏيڻ جو فيصلو ڪن ٿا ۽گرفتاريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. وارث رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زين شاهه جو عدالت آڏو پاڻمرادو پيش ٿيڻ کي سياسي حالتن ۾ ڏسڻ گهرجي جذباتي نعرن ۾ تحريڪون ڪمزور ٿينديون آهن. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زين شاهه سينٽرل جيل ڪراچي حوالي، زين شاهه چيو ته آئون ضمانت ڪرائڻ نه پر سنڌ جي بقا جو ڪيس وڙهڻ آيو آهيان، آئون نوابشاهه ۾ حڪمران جماعت پ پ خلاف اليڪشن وڙهندو آهيان، ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي جنهن تي الطاف پيرزادو، حريف چانڊيو، مجيب ٽوٽاڻي، خليق الرحمان اهڙي عمل جي حمايت ڪئي،حنيف نظاماڻي لکيو ته اهو زين شاهه جو ذاتي فيصلو آهي آئون ان سان اتفاق نٿو ڪريان موجوده حالتن ۾ اهو غلط آهي اهڙا احتجاج اتي ڪبا آهن جتي حڪمرانن جون اکيون ۽ ڪن کليل هجن.