سکر (بيورو رپورٽ) سکر سائيٽ ايريا ويجھو 3 ڏينھن اڳ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل واجد شاھ جو قتل ڪيس سندس ڀاءٌ عبدالقادر شاھ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي. فرياد ۾ ڄاڻايو ته سلطان شاھ ڪرمنل قسم جو ماڻھو آھي، منٿلي گھرندو ھو، انڪار تي 13 اپريل تي مائٽن جي فوتگي تان واپسيءَ تي سلطان شاھ، سندس پٽ باسط شاھ پنھنجي ساٿين سان گڏجي واجد شاھ مٿان خون ڪرڻ جي ارادي سان سڌا فائر ڪيا، جنھن جي نتيجي ۾ واجد شاھ موقعي تي مارجي ويو. ٻئي طرف پوليس اھڙي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آھي پر ھن وقت تائين ڪا بہ گرفتاري عمل ۾ ناھي آندي.