ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ٻن قبن واري قديمي درسگاهه بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر حيدرآباد کي موڪلي ڇڏي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عثمان تنوير پاران ڪمشنر حيدرآباد کي اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٺٽي جي ٻن قبن واري گجراتي اسڪول جي پلاٽ تي لڪڙن جي گدام کي 28 مارچ تي باھ جي واقعي بعد ٻيھر قبضو ڪيو ويو. معاملو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي قبضو ختم ڪرايو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته مختيارڪار ٺٽو موجب مقامي گجراتي اسڪول جي پلي گرائونڊ جي پراپرٽي نمبر 2611 جي ڪل ايراضي 11260 هم چورس وال آھي، اها ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي پراپرٽي آھي. ڄاڻايل اسڪول جي سموري ايراضي سياحت ثقافت، آرڪيالاجي ۽ نوادرات کاتي حوالي ڪئي وئي آھي، جنھن کي سنڌ حڪومت پاران چوديواري ڏيئي محفوظ ڪيو ويندو.