حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد 15 سال اڳ قتل ٿيل جهول واسي جي قتل جي جاچ جو حڪم ڏيندي ايس ايس پي سانگهڙ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جهول واسي غلام علي چنڙ وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته 10 سيپٽمبر 2007ع تي رات جو 3 وڳي ڀاءُ غلام نبي چنڙ کي گهر اندر بي دردي سان قتل ڪيو ويو پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڪيس خراب ڪري ڇڏيو، غلام علي چنڙ عدالت کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي قتل جي جاچ ڪرائي جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه حسين تي ٻڌل ڊويزن بئنچ پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ کي قتل جي ٻيهر جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 4 هفتن بعد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.