سکر (بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر جي اسپيشل جج ذوالفقار شاھ تحريڪ انصاف اڳواڻ مبين جتوئي طرفان پڪي ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر مقصود سومرو کان پڇاڻو ڪيو ته سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي حاصل ڪرڻ واري معامري جي جاچ ۾ اُن وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي نيو سکر موجودا ڊي سي رانا عديل تصور ۽ اُن وقت جي مختيارڪار ممتاز علي ڪلوڙ جو ڪيس ۾ نالو شامل ڇو ناھي ڪيو ويو؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ ھلي رھي آھي. جنھن بعد عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ مبين جتوئي جي ضمانت واري پڪي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي. مبين جتوئي ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت مان کسڪي ويو.واضع رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي آباد ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي، عمر چاچڙ ۽ مختيارڪار توڙي تپيدار مٿان سرڪاري زمين تي قبضي، فراڊ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ھئي.