سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ريلوي انتظاميا پاران آپريشن ڪري قبضا ختم ڪرائڻ خلاف شهرين احسان الله، ڏنو شيخ، نويد ملڪ، جميل، وحيد احمد احتجاج ڪندي چيو ته 1985 ۾ جوائنٽ سروي ٿيو هو، گرم گودي کي ڪچي آباد ظاهر ڪيو ويو، جنهن جا اسان وٽ ڪاغذات به موجود آهن. ريلوي جي پراپرٽي تي گھر ۽ دڪانون ٺاهي پنهنجي زندگي جو گذر سفر ڪري رهيا آهيون، ريلوي انتظاميا پاران اسان کي الاٽمينٽ پڻ ڏني وئي هئي. دڪانن ۽ گھرن جو ڪرايو پڻ ريلوي کي جمع ڪندا آهيون. ٻه ڏينهن اڳ ڊي ايس ريلوي ريلوي پوليس جي مدد سان اسان جي گھرن ۽ دڪانن تي چڙهائي ڪري ڊاهي پٽ ڪيا آهن، احتجاج ڪرڻ تي اسان خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،