ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ جمعي جي بابرڪت ڏينھن تي بجلي جي بندش جاري سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پاران سيپڪو عملدارن جي زيادتين خلاف ٻئي ڏينھن به روڊن تي نڪري سخت احتجاجي ريلي ڪڍي وئي سومر تي شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻي ھڻن جو سڏ رپورٽ موجب ڪڪڙ ڀرپاسي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 20 ڪلاڪ بجلي جي ھٿرادو لوڊشينگ ڪرڻ ۽ گذريل ھڪ مھيني کان شھر جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف سوشل فورم واپاري وڪيل شھري صحافي سماجي ۽ پورھيت طبقي جي ماڻھن ۽ اڳواڻن احتجاج ڪيو ويو. چيمبر آف ڪامرس دادو جي صدر محمد اقبال چارڻ سوشل فورم جي اڳواڻ مھراڻ علي تڳر ايڊوڪيٽ نويد علي جويو شھيد ڀٽو جي شاھنواز بروھي عرفان علي جويو پ پ اڳواڻ امتياز علي دل صحافي گل حسن نوداڻي درمحمد کرل سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو عملدرن جي زيادتين خلاف دانهيندي چيو آھي ته سيپڪو ايس ڊي او ڪي اين شاھ اسرار باجڪاڻي کي جمعي جي ڀلاري ڏينھن تي به رحم نه آيو. بجلي بندش سبب مسجدن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي. بجلي جي 20 ڪلاڪ بندش جاري ھئڻ ۽ 50 سينٽي گريڊ گرمي پد ھئڻ سبب عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن. لڳاتار بجلي بند ھئڻ جو ذميوار اسرار باجڪاڻي ايس ڊي او ڪي اين شاھ آھي نااھل ايس ڊي او کي ھٽائڻ تائين احتجاج جاري رھندو. ھوڏانھن شھرين چيمبر آف ڪامرس ضلعي صدر دادو محمد اقبال چارڻ سوشل فورم جي اڳواڻ مھراڻ علي تڳر پاران سومر جي ڏينھن شٽر بند ھڙتال ۽ ڌرڻي ھڻن جو سڏ ڏيڻ جو اعلان ڪيون ٿا.