واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ سنڌ جي سياحتي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي رهواسين جو بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فيض محمد آلکاڻي، مهرﷲ آلکاڻي نياز آلکاڻي ۽ نهال خان آلکاڻي چيو آهي ته رات دير هٿياربندن شوڪت آلکاڻي، احمد آلکاڻي ۽ محمد آلکاڻي اسان جي دڪان تي بلاجواز چڙهائي ڪري اسان مٿان حملو ڪيو آهي. اهڙي عمل سبب سياحن ۾ خوف پکڙجي ويو حملو ڪندڙ جوابدار مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن. دنيا کي خبر آهي ته اسين امن پرست ماڻهو آهيون ڄاڻايل جوابدار گورک جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيئرمين گورک هل اٿارٽي رفيق احمد جمالي ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي گورک جي امن کي خراب ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.