سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، علاج لاءِ اسپتال منتقل۔ ايس ايس پي سکر ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊبل سيڪشن اسڪول ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو۔ پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري ذالفقار ڪنڌراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽول، ميگزين ۽ گوليون برآمد ڪيون آهن۔ ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري قتل، قتل جي ڪوشش، ڀنگ لاء اغوا، موٽر سائيڪل ڦر، چوري پوليس مقابلن سميت 9 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هيو۔ زخمي کي علاج لاء اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.