ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي رحمت ڪالوني واسي نوجوان جيوڻ ڪمار ولد ليمون مل مينگھواڙ جو سندس حب بلوچستان واري گھر مان مبينا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو. اطلاع تي سندس وارثن پھچي لاش ضروري ڪارروائي بعد ڪنري آندو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي والد ليمون مل ٻڌايو ته جيوڻ کي ڪابه پريشاني وغيره ڪونه ھئي ۽ ڪجهه ڏينھن اڳ اسان ڪُنري آياسين، پٽ گُذريل ڏينھن اسان سان فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي پر ڪنهن به تڪليف ۽ پريشاني جو ذڪر نه ڪيو. خبر ناهي ھن ڪھڙي ڳالهه يا مسئلي تان خودڪشي ڪئي آھي. ھن چيو ته اسان کي ڪنھن به قسم جي ڪا پريشاني ڪونه ھئي الله جو شڪر آھي ھر شيءِ موجود آھي پنھنجا ذاتي ڪاروبار آھن ۽ جيوڻ جو حب چوڪي ۾ ڪنفيڪشنري جو دڪان آھي. ھوڏانھن نوجوان جو مڙهه آخري رسمن بعد بيبي مٺي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. نوجوان پڙھيل لکيل ۽ گريجوئيٽ ھو. ڪجھ مھينا اڳ سندس جي مرضي موجب ڪوٽ غلام محمد ۾ مڱڻي پڻ ٿي آھي ۽ ڪجھ ڏينھن به شادي جا ڏينھن پڻ ٻڌڻا ھئا. اھڙي واقعي بعد علائقي جو ماحول پڻ سوڳوار ٿي ويو.