باهو کوسو (ن پ ا) باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پراڻي ملوئي ۾ کوسا ۽ مرهيٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڳوٺ حق نواز خان کوسو ۾ حق نواز کوسو ۽ ياسين مرهيٽو جي سرپنچي ۾ ٿيو، جرڳي ۾ کوسا برادري جي لانٽ خان ۽ مرهيٽو برادري جي امام خان مرهيٽو جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد مرتضيٰ پٽ امام خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن الزام ثابت ٿيڻ تي مٿس 12 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جوابدار ڌر جي امام مرهيٽو جهولي جهلي ته ڏنڊ جي رقم معاف ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن بعد 70 هزار معاف ڪيا ويا، ڏوهي ڌر موقعي تي هڪ لک رپيا متاثر ڌر کي ادا ڪيا، باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.