سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ بدامني، برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي سھولتون نہ ملڻ خلاف سکر جي سياسي، سماجي، مذھبي، تاجر تنظيمن توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن طرفان  مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  ھارون ميمڻ، حافظ محبوب سھتو، ظھير بابر، صبا ڀٽي، طاھر حسين شيخ، سلطان لاشاري، قربان علي ڪلوڙ، مير خان چاچڙ، ذاڪر بنڌاڻي ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آھي، اغوا، قتل، چوري، ڦر جون وارداتون عام ٿي ويون آھن، شھرين جي جان ۽ مال محفوظ ناھي رھي، شھري توڙي تاجر پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن پر پوليس حڪومتي نمائندن توڙي انھن جي اولادن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف آھي. ھنن چيو تہ برسات ۽ ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل آھن، سندن ڪنهن به واهر ناهي ڪئي،نوٽيس وٺي  سنڌ ۾ امان مان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ پوليس کي غير سياسي ڪيو وڃي،  برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ مدد لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.