قمر جاويد باجوه آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ يوڪرين معاملي تي روس جي مذمت ڪئي: عمران خان

0
182

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ يوڪرين معاملي تي روس جي مذمت ڪئي، مون کي به روس جي مذمت ڪرڻ لاءِ چيو ويو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو وڊيو لنڪ تي خطاب دوران چوڻ هو ته مون چيو روس سستو تيل پيو ڏئي، مذمت نه ڪنداسين، منهنجي مخالفت باوجود اڳوڻي آرمي چيف روس جي مذمت ڪئي، آمريڪا جي خوشامد ڪرڻ سبب اڄ ملڪ معاشي تباهيءَ جي ور چڙهي ويو آهي

عمران خان جو چوڻ هو ته  آئين اسيمبلي ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، حڪمران چون ٿا ته اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پئسا نه آهن، ملڪ ۾ جمهوريت نالي ڪا به شيءِ نه آهي، قانون جي حڪمراني کانسواءِ جمهوريت نه ٿي اچي سگهي

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته پرڏيهي پاليسي آزاد هوندي آهي، مان ملڪ کي بهتر رستي تي هلڻ لاءِ روس کان تيل خريد ڪري رهيو هيس، ان ۾ ڪنهن جي حمايت يا مخالفت جو وچ ۾ ڪجهه ناهي، مون کي چيو ويو ته روس جي مخالفت ڪريو، ڇو ته آمريڪا روس جو مخالف هو

هي به پڙهندا

عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري استدعا رد