ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان چوري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويل پوليس پارٽي تي جوابدارن جو مبينا حملو، لٺيون، سروٽا ۽ بيلچا لڳڻ سبب اي ايس آئي زخمي، 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، 2 ڄڻا گرفتار. خبر موجب پوليس دڪاندار غلام نبي خاصخيلي جي دڪان مان سامان چوري جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي پٽڙيءَ واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي، جنهن دوران ڀٽي برادري جي ماڻهن پوليس تي مبينا حملو ڪري ڏنو، لٺيون، سروٽا، لوھي بيلچا لڳڻ سبب اي ايس آءِ سجاد اقبال جٽ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس تي حملي جو ڀٽي برادري جي 6 جوابدارن اصغر ڀٽي، زاھد، ابراھيم ۽ ٽن اڻڄاتل ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڊيوٽي اٽڪاءُ، ارادي قتل، حملي، زخمي ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وياسين ته نامزد جوابدارن ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪري پوليس تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي، پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻن ڄڻن اصغر ڀٽي ۽ زاھد ڀٽي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته دڪاندار غلام نبي لکين روپين جي ماليت جي مرچن جون 14 ٻوريون، پاڻي روٽر، گيس سلينڊر ۽ ٻيو سامان چوري ڄاڻايو آهي.