سکر (بيورو رپورٽ) پراڻي تڪرار تان قتل ٿي ويل اصغر ملڪ وارو معاملو، مقتول جي امڙ جي فرياد تي 11 ڄاتل جوابدارن سميت 12 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل، مقتول جي وارثن کي لاش  روڊ تي رکي نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، پوليس دهشتگردي ايڪٽ تحت 90 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي. تفصيل موجب پوليس ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل اصغر ملڪ جو ڪيس ائيرپورٽ ٿاڻي تي مقتول جي امڙ جي مسمات پٺاڻي زال خميسو ملڪ جي فرياد تي 11 نامزد جوابدارن شرف الدين، قائم الدين، هدايت الله، عزيز الله، ڪرم الله، احسان، محمد حنيف، جنيد، صدام ملڪ، رفيق احمد، بادشاھ ۽ هڪ اڻ ڄاتل جوابدار مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن مقتول اصغر جي وارثن کي لاش روڊ تي رکي نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. پوليس مطابق مسلسل 5 ڪلاڪ ڌرڻي سبب هاءِ وي بلاڪ رهيو، خاطري ڏيارڻ باوجود مظاهرين پوليس کي بليڪ ميل ڪيو، پوليس روڊ بلاڪ ڪندڙ مقتول جي وارثن سوڌو 90 مظاهرين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مقتول جو ڀاءُ ضمير احمد، وارث لياقت، اربيلو، مشتاق، پرويز، سرور، مهتاب ۽ اسرار ملڪ کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي.  ايف آءِ آر جي متن موجب 80 کان 90 اڻ ڄاتل جوابدار به هئا جن جي هٿن ۾ پستول ۽ پئٽرول جون بوتلون، لوهي سريا هئا جن روڊ بلاڪ ڪري مسافر گاڏين کي نقصان پهچايو، دهشت ڦهلائي. سرڪار پاران ايس ايچ او ائيرپورٽ احمد علي شر جي فريادي تي مظاهرين مٿان 7 اي ٽي اي دهشتگرديءَ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدارن ڊيوٽي اٽڪاءَ ڪندي اهلڪار جي ورديءَ ۾ هٿ وڌا، جوابدارن پيٽرول جون بوتلون، ٽائرن، موڙن، بئنچن کي باھ ڏني، فائرنگ ڪئي، قومي شاهراهه انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري دهشت ڦهلائي. مقتول اصغر ملڪ جي وارثن الزام مڙهيو آهي ته پوليس قتل جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان مٿان دهشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪري اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.