ڪنب (ن پ ا) ڪنب ۾32ھون ساليانو ماتمي جلوس برآمد ٿيو، يا حسين ياحسين جون صدائون بلند، سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا. رپورٽ موجب ڪنب ۾ 32ھون ساليانو ماتمي جلوس شيعا رابطا ڪائونسل ضلع خيرپور جي جعفر علي شاھ، امير علي جسڪاڻي، غلام تقي وساڻ، منظور جعفري، حيدر علي تمراڻي ۽ ٻين جي نگراني ۾ سجاديا امام بارگاھ کان برآمد ٿيو، جنھن ۾ 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا جلوس شامل ٿيا. ماتمي جلوس ۾ ذوالجناح، علم پاڪ ۽ شھزاده علي اصغر جي پينگھي جا جلوس شامل ھئا. ماتمي جلوس پنھنجي روايتي رستن کان ٿيندو شھر جي مک بازار ۾ داخل ٿيو، جتي عزادارن پاران سينا زني، زنجير زني ۽ چاقو جو ماتم ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ھئا.