شھدادپور(ن پ ا) ٽائون ڪميٽي جٽيا ۾  گندگي  ۽ گٽر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف شھري ايڊووڪيٽ آصف انڙ طرفان داخل ڪرايل درخواست تي سيڪنڊ سول جج ريحان عبدالهادي ميمڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ايڊمنسٽريٽر نصير سهرياڻي ۽ ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ ناصر شيخ پيش ٿي جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته صفائي جا انتظام بهتر آهن، ڪٿي به گندگي ناهي، درخواستگذار موجب جٽيا پاڙي ۾ گندگي ڦھليل آهي، صفائي نه ٿيڻ ڪري شھري سخت اذيتن ۾ هجڻ سان گڏ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، عدالت جي حڪم تحت ڪورٽ عملدار طرفان سرزمين جو جائزو وٺڻ بعد صفائي سٿرائي جي اڻھوند تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت ٽائون ڪاميٽي انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صفائي سٿرائي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.